اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وزيرِ دفاع خواجا آصف جو چوڻ آهي ته افغانستان سان اسان جو ڪو ڀائي چارو ناهي، پنهنجا ماڻهو واپس وٺي وڃو.هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل 70 ورهين کان اسان افغان مهاجرن سبب مسئلن جو شڪار آهيون. پاڪستان خلاف دهشتگرد حملا گهڻو ڪري افغان زمين تان ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن افغانستان جنتِ نظير بڻجي ويو آهي ته پنهنجا ماڻهو واپس وٺي وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو هتي اچي پاڪستان جي جهنڊي کي سلام نٿا ڪن يا پاڪستان زندہ باد جا نعرا نٿا هڻن، هن چيو ته اسين پنهنجي زمين صاف ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪيترائي افغان هتي اچي وڏا دولت مند بڻجي ويا آهن ـ ڪو ٺيڪيدار بڻجي ويو، ڪو ٻيو ڪجھ ـ ڪجهه افغان پارليامينٽ جا ميمبر به بڻجي چڪا آهن.