بي آءِ ايس پي سان غربت گهٽ ناهي ٿي،پ پ حقيقت تسليم ڪري:حافظ نعيم

لاهور(بيورو) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسرائيل جي پٺيان آمريڪا بيٺل آهي، جنهن جي مثال جنگبندي واري قرارداد کي ويٽو ڪرڻ آهي،پاڪستان ۽ سعودي عرب جو معاهدو اهم قدم آهي، جنهن ۾ ايران سميت ٻين ملڪن کي به شامل ڪرڻ گهرجي۔ هن چيو ته وادي تيره جهڙا واقعا غير يقيني حالتون وڌائين ٿا ۽ ادارن ۽ عوام ۾ فاصلا پيدا ڪن ٿا،هن چيو ته  گذريل 17 ورهين کان غربت جي خاتمي جي نالي تي جاري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) سان غربت گهٽجڻ بدران وڌي آهي، پيپلز پارٽي ۽ ٻين حڪومتي جماعتن کي گوڙ ڪرڻ  بدران سچ تسليم ڪرڻ گهرجي۔ايڪس (سابقه ٽوئٽر) تي اظهارِ خيال ڪندي هن عالمي بئنڪ جي پاڪستان ۾ غربت جي شرح بابت تازو رپورٽ جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته بي آءِ ايس پي هزارين ارب رپين جو پروگرام آهي، جيڪو بي ضابطگين ۽ وڊيراشاهي ڪرپشن سان ڀريل آهي۔حافظ نعيم چيو ته عالمي بئنڪ جي نئين رپورٽ موجب گذريل ٽن ورهين ۾ غربت جي شرح 18.3 سيڪڙو مان وڌي 25.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪو 7 سيڪڙو اضافو آهي۔هن چيو ته جيڪڏهن انهن هزارين اربن رپين کي آءِ ٽي جي تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ها ته ملڪ ۾ وڏو انقلاب اچي سگهي پيو ۽ غربت گهٽجڻ بدران وڌڻ جو سلسلو نه ٿئي ها۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.