حوصلي ۽ جدوجهد جي علامت : اشرف لاريب

تحرير: پروفيسر خالد حسين چنا

اشرف لاريب پٺاڻ کي جنم ڏينهن جون جام واڌايون هجن. بلڪل هوءَ مون کي لاريب نظر آئي.  سال 2012 کان وٺي مون سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري تعليم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي اسڪولن جي بهتر تعليم جي حصول لاءِ  هن سان گڏجي ڪم جي شروعات ڪئي. اشرف لاريب ۾ سکڻ جو وڏو جذبو هوندو آهي. هوءَ مسلسل محنت  ڪندي رهي ٿي. هوءَ هڪ با اخلاق، باڪردار سڀ جو ڀلو سوچيندڙ هوندي آهي.

زندگي واري تي برساتي ڦوٽي وانگر اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. پر ٿورڙي عرصي دوران ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ جستجو ۽ حوصلو کپي ٿو. سماج ۾ وک وک تي جيئڻو ۽ مري وري جيئڻو ٿو پوي. اشرف لاريب پٺاڻ کي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن بهترين سبق ياد ڪرائي ڇڏيا آهن. ليوڊي جي ٻئي پاسي نانگڻ راند ڇپيل هوندي آهي. نانگڻ جو نقشو ڄڻ ته جيون جو احوال هجي. حياتيءَ جي هلندڙ راند ۾ ڀاڳ جي ڳوٽ مٿي چڙهندي چڙهندي ڪنهن نه ڪنهن نانگ جي وات وٽ پهچي هيٺ هلي ويندي رهي ٿي ۽ پوءِ مٿي وڃڻ لاءِ وري هڻ هڻان ڪرڻي پئي ٿي.  زندگيءَ م ڪيئي لڪل منافق دشمن يا غلط فيصلا ان نانگ وانگر پاڻ کي وقتي طور پوئتي ڪن ٿا پر جن وٽ هماليه جيڏا حوصلا هجن، اهي سڀ ڪجهه پار ڪري  نيٺ ڪامياب ٿين ٿا.

اشرف لاريب ڪيترن سالن کان وٺي ڪراچي ۾ رهي ٿي. هن جي دل ۽ يادون پنهنجي ڳوٺ  گهوٽڪي کان وسريون ناهن.  هن کي سنڌي هجڻ تي ناز آهي ۽ هوءَ پنهنجن ماڻهن جي خدمت عبادت سمجهي ڪري ٿي. هن کي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکڻ جو ڏانءُ آهي. اخبارن ۾ مضمون لکندي رهي ٿي. روشن تارا اسڪولن جون گڏجاڻيون ڪوٺائڻ، منٽس لکڻ ۽ انهن سان لک پڙهه ڪرڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي آهي. سٺي سڀاءَ ۽ بهترين اخلاق هجڻ ڪري ڪاميابي ماڻيندي رهي ٿي.

اشرف لاريب مينيجر ايجوڪيشن سگا روشن تارا اسڪولن جي چيئرمين، پرنسپال ۽ لاڳاپيل ماڻهن سان مسلسل رابطي ۾ رهي ٿي. گذريل ڪيترن سالن کان وٺي تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ ڪري اشرف لاريب جو روشن تارا اسڪولن جي ماڻهن سان تمام گهڻي واسطيداري آهي. اهو ئي سبب آهي جو اشرف لاريب پنهنجي ٽيم سان گڏجي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ روشن تارا ٻالڪ ميلو لڳائي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. هوءَ ڏينهن رات مسلسل ڪوششون ڪندي رهي. روشن تارا اسڪولن جي استادن ۽ ٻارن کي سمجهائيندي رهندي آهي. ٻالڪ ميلي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جون ڪوششون ڪندي رهي.  روشن تارا ٻالڪ ميلو سووينيئر ڇپائڻ ۾ ڪوششون ورتائين، پنهنجي طرفان ذري ذري جو خيال ڪندي رهي. هن جي جدوجهد ۽ لڳاءُ جي ڪري ٻين به هن جو ساٿ ڏنو۽ سڄي سنڌ مان 500 کان مٿي روشن تارا اسڪولن جا استاد، شاگرد ۽ سگا رضاڪارن جي رهائش کائڻ پيئڻ جي ڪا به شڪايت نه آئي. اشرف لاريب ٻالڪ ميلي جي تياري دوران يا پوءِ ڪٿي به هن پاڻ کي پوئتي نه رکيو پر ٻالڪ ميلو دوران پنهنجي ٽيم سان هر وقت سرگرم ۽ ڪم ۾ مصروف نظر آئي.

ڪورونا وبا جهڙي ڏکي صورت حال ۾پڻ اشرف لاريب سڀني اسڪولن سان رابطي ۾ رهي ۽ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪيائين ۽ گهوٽڪي، ڪشمور  کان گلشن حديد ڪراچي تائين وڃي روشن تارا اسڪولن کي آن لائن تعليم جاري رکڻ لاءِ همٿايائين. آئون سمجهان ٿو هن وٽ سگا جي سيڪريٽري تعليم  ۽ سيڪريٽري جنرل کي اسڪولن جي بابت گڏيل صلاح ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪرڻ جو فن آهي.

زندگي ڏکن سکن جي سونهن آهي. هوءَ پاڻ کي سماجي ڪمن ۾ مصروف رکي ٿي ۽ ڪم کي عبادت سمجهي وقت گذاري ٿي. هر روز  صبح جو اٿي حوصلي سان باقي زندگيءَ کي ڪارگر ڪرڻ لاءِ  وري پنهنجا سور وساري دنيا جا سور ختم ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.