پوليس ڪنهن به رياست جي ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي، اهو ادارو عوام جي تحفظ، امن امان قائم رکڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ هوندو آهي، سنڌ ۾ به پوليس کان عوام اهو ئي توقع رکي ٿو ته اها انهن کي ڏوهن کان بچائيندي، سندن حقن جي حفاظت ڪندي ۽ مظلومن کي انصاف ڏياريندي، پر افسوس جو سنڌ جي ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ پوليس پنهنجو اصل ڪردار وساري بي حسي ۽ ذميوارين کان ڀاڄ جي علامت بڻجي چڪي آهي، جتي پوليس جي حرڪتن ۽ ڪارڪردگيءَ تي عوام جا سخت سوال اڀري آيا آهن، تازو ئي منظرعام تي آيل هڪ واقعو پوليس جي ذميوارين کان ڀاڄ جو هڪ ثبوت آهي، هڪ ٿاڻي اندر پوليس اهلڪار هڪ ٽڪ ٽاڪر کي مڪمل پروٽيڪشن ڏيندي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺهرائڻ ۾ مصروف رهيا پوليس جي وردي جيڪا عوامي عزت ۽ ايمانداريءَ جي نشاني هئڻ گهرجي، سا هڪ "تماشي” ۾ تبديل ٿي وئي. پوليس جا اهلڪار، جيڪي عوام جي خدمت لاءِ مقرري ٿيل آهن اهي سوشل ميڊيا تي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪرز جا باڊي گارڊ بڻجي رهيا هئا،
هڪ جاري ٿيل وڊيو ۾صاف ڏسجي سگهجي ٿو ته هڪ پوليس اسٽيشن ۾ ٽڪ ٽاڪر پوليس موبائل مان جمپ ڏيئي لهي رهيو آهي ۽ ٻئي منظر ۾ ٿاڻي جي اندرين گيٽ کان ٻاهر نڪري رهيو آهي ۽ ٽئين منظر ۾ بازارن ۾ دڪاندارن کان چانهن، بسڪيٽ، جوتا ۽ ٻيون شيون ڦري رهيو آهي ۽ ٿاڻي جي گيٽ مان نڪرندي گلو کولي هلي رهيو آهي ۽ پوليس اهلڪار سندس پروٽيڪشن ۾ سندس پويان هلي رهيا آهن،
اها صورتحال عوام لاءِ سوال بڻجي چڪي آهي ته ڇا پوليس عوام جي خدمت لاءِ آهي يا ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ؟عوام جو اصل مسئلو ٽڪ ٽاڪ نه پر منشيات، چوريون ۽ ڦرون آهن، ڳوٺن جي گهٽين ۾، هوٽلن جي ڪمرن ڪنڊن ۾ ۽ شهر جي چوڌاري ڪيترائي منشيات جا اڏا کليل آهن، جتي نشي جو زهر روزانو سستو ۽ آساني سان ملي ٿو، ننڍي عمر جا ٻار ۽ نوجوان ان لت ۾ ڦاٿل آهن، والدين پنهنجن ٻارن کي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيا آهن پر پوليس انهن آوازن تي ڪن نه ٿي ڏي،ماڻهن کي يقين آهي ته اهي اڏا پوليس جي ڄاڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ کان سواءِ قائم رهي نٿا سگهن، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پوليس ان واپار ۾ پاڻ شريڪ آهي يا انهن ڏوهن کان اکيون بند ڪري ويٺي آهي؟ ٻنهي صورتن ۾ اها صورتحال خطرناڪ آهي ۽ عوام لاءِ تباهي جو سبب آهي، سڄي تعلقي جا رهواسي جڏهن ٿاڻن تي وڃن ٿا ته کين تڪليف ملي ٿي، سندن شڪايتون ٻڌڻ بدران انهن کي ڌڪا ڏنا وڃن ٿا، سندن آواز دٻايو وڃي ٿو، پر ساڳيا پوليس اهلڪار ٽڪ ٽاڪ ۾ مشغول آهن ۽ منشيات جا اڏا سندن حدن ۾ سرعام کليل آهن،
ڪيترن ئي شڪايتن موجب ٿاڻن جي حدن ۾ جُوئا، غيرقانوني ڪاروبار ۽ ٻين ڏوهن تي به اک ٻوٽي وئي آهي، اهڙي ماحول ۾ ڏوهاري طاقتور ٿين ٿا ۽ بي قصور ماڻهو انصاف لاءِ ترسندا رهن ٿا، نتيجي ۾ عوام جو اعتماد مڪمل طور ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجا مسئلا قانوني ادارن وٽ وٺي وڃڻ بدران پاڻ فيصلو ڪرڻ شروع ڪن ٿا، جيڪو معاشري لاءِ خطرناڪ رستو آهي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڇا اعليٰ آفيسر، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کي ٿاڻن اندر ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ يا منشيات هلڻ جي خبر نه آهي؟ اهي نه ٿا ڏسن ته هڪ ٿاڻي اندر پوليس ٽڪ ٽاڪ ۾ مصروف آهي ۽ منشيات جا اڏا سرعام هلن ٿا؟ جيڪڏهن کين سڀ ڄاڻ آهي ۽ پوءِ به ڪوبه قدم نه ٿا کڻن ته پوءِ اها لاپرواهي نه پر عوام سان ظلم آهي، انهيءَ صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته پوليس تي سخت ضابطا لاڳو ڪيا وڃن. جيڪي اهلڪار ورديءَ ۾ ٽڪ ٽاڪ يا ڪنهن به غير مناسب ڪم ۾ شامل ٿين، انهن کي معطل ڪري سزا ڏني وڃي. منشيات خلاف فوري ۽ بي رحماڻا آپريشن ڪيو وڃي ۽ اهي پوليس اهلڪار جيڪي منشيات فروشن سان سازباز ڪن ٿا، انهن کي نوڪري تان لاٿو وڃي ۽ قانوني سزا ڏني وڃي. عوامي شڪايتن لاءِ هڪ آزاد ۽ شفاف نظام قائم ڪيو وڃي، جتي ماڻهو بنا خوف پنهنجا مسئلا پيش ڪري سگهن ۽ سندن ڳالهه تي عمل به ٿئي.
جيڪڏهن پوليس پنهنجا فرض وساري اهڙين فضول ۽ خطرناڪ سرگرمين ۾ مشغول رهندي، ته پوءِ عوام ۾ بيزاري وڌندي، ڏوهن ۾ واڌ ٿيندي ۽ رياست جي بنياد ڪمزور ٿيندي. پوليس جو ڪم ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ يا منشيات جي اڏن کي تحفظ ڏيڻ نه آهي، پوليس جو اصل ڪم عوام جي خدمت ۽ تحفظ آهي. وقت اچي ويو آهي ته پوليس کي پنهنجي ذميوارين ڏانهن واپس آندو وڃي. جيڪڏهن هاڻي به قدم نه کنيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ صورتحال ايتري خراب ٿي ويندي جو عوام جي بيزاريءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ رياست لاءِ ناممڪن ٿي ويندو۔