بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ماڻهن کي خيراتي يا پاڻ ڀرو بڻائڻ جو پروگرام؟بحث ڇڙي ويو

ڪراچي (خصوصي رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم جي طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي فراڊ قرار ڏيڻ واري بيان تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي،صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جو پهريون انقلابي سماجي فلاحي منصوبي آهي جيڪو غربت جي خاتمي لاءِ سڌي طرح گهريلو عورتن کي بااختيار بڻائي ٿو، ان کي عالمي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي ادارا مثالي ماڊل طور تسليم ڪن ٿا،فواد چوڌري چيو ته بي آءِ ايس پي  هڪ ٻيو بيڪار پروگرام آهي، جيڪو ڪرپشن ۾ ڦاٿل آهي، خاص طور تي سنڌ ۾، جتي گهڻا گهرايل نوڪر ۽ خادم جيڪي وڏيرن جي گهرن ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن کي بي آءِ ايس پي مان پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون. هي پئسو، جيڪو اصل ۾ غريبن لاءِ هو، جيڪڏهن ان جي بدران ڪاٽيج انڊسٽري (گهريلو صنعت) ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ها ته هزارين نوڪريون پيدا ٿي سگهن ٿيون،فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي پ پ پ خيرپور ڊسٽرڪٽ جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪاشف رضا ٻانڀڻ چيو ته هي الزام غلط آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي شفافيت عالمي بئنڪ (ورلڊ بئنڪ)، ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) تسليم ڪيو آهي ۽ ان جي آڊٽ ۽ جاچ پرک جي عمل کي ساراهيو آهي۔ محمد معراج لکيو ته بينظير ڪارڊ سان اسان کي پئسا به ملن ٿا ۽ ساڳئي ڪارڊ وسيلي اسان کي سولر به ملي رهيو آهي،حافظ نعيم، اوهان کي شرم اچڻ گهرجي جو اوهان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي فراڊ سڏيو ٿا۔

بي آءِ ايس پي کي فراڊ چوندڙ معافي وٺي

لاهور (بيورو) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪيو وڃي، هڪ سياسي اڳواڻ بيان ڏنو ته بي آءِ ايس پي فراڊ آهي، جيڪو هڪ ڪروڙ خاندانن جي توهين آهي، ان بيان تي معافي گهرجي، لاهور ۾ بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روبينا خالد چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ بي آءِ ايس پي 70 ارب رپين جي هنگامي امداد ڏني هئي، اهو ئي پروگرام آهي جيڪو متاثرن تائين سڀ کان تيز، شفافيت ۽ وسيع پهچ سان مدد پهچائي ٿو، بي آءِ ايس پي غريبن جي بقا ۽ عزت جو سهارو آهي، ڪرونا ۾ به لکين خاندانن کي ساڳئي پروگرام ذريعي رليف مليو، سينيٽر روبينا خالد چيو ته بي آءِ ايس پي وٽ مڪمل ڊيٽا آهي جنهن سان متاثرن کي بروقت امداد ڏني پئي وڃي، پروگرام سان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خاندان لاڳاپيل آهن، ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان جي مانيٽرنگ ڪن ٿا ۽ باقاعدي آڊٽ پڻ ٿئي ٿي، دنيا جا ٻيا ملڪ به بي آءِ ايس پي مان سکڻ لاءِ اچي رهيا آهن، هن پروگرام ذريعي لکين ٻار تعليمي وظيفا وٺي رهيا آهن ۽ بينظير نشوونما پروگرام” پڻ هلي رهيو آهيم ڪي پي ۾ بونير، صوابي، سوات ۽ باجوڙ ۾ موبائل ٽيمون متاثرن جي سروي ڪري رهيون آهن.

پنجاب سرڪار جو ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي ذريعي امداد کان انڪار

لاهور (بيورو) پنجاب حڪومت بينظير انڪم سپورٽ ذريعي ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب حڪومت، پ پ اڳواڻن جي تجويز رد ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي ذريعي مالي امداد نه ڏني ويندي، ڇو ته جيڪي ماڻهو ان ڊيٽابيس ۾ شامل نه آهن، انهن تائين امداد پهچڻ ناممڪن آهي، عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ پنجاب ۽ سندن ٽيم ٻوڏ جي صورتحال ۾ بهتر ڪم ڪيو آهي،حڪومت عزت سان امداد ڏيڻ لاءِرليف ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي لائينن ۾ بيهڻو نه پوي، هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ 4794 علائقا متاثر ٿيا آهن ۽ 47 لک 23 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري وفاق کي اڳ ئي چيو هو ته پنجاب جي متاثرن کي فوري طور بي آءِ ايس پي ذريعي مالي امداد ڏني وڃي، پر اها تجويز رد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.