ڪراچي جي علائقي ملير ۾، ميمڻ گوٺ ٿاڻي جي حدن ۾، سپر هاءِ وي جي ڀرسان جهنگي ٻوٽن ۾ ٽن خواجه سرائن جون لاش مليو. پوليس واقعي واري هنڌان نائين ايم ايم پسٽل جا ٻه خول هٿ ڪيا. ٻن لاشن کي گڏ رکيل ڏٺو ويو. هڪ ڪاري رنگ جو زنانو لباس پهريل هو، ٻيءَ جي چهري تي ڪارو ماسڪ هو. ٽيون لاش ٿورو پري پيل هو، جنهن نيري ڦوٽن واري شلوار قميص پهري هئي. اهو منظر رڳو ٽن فردن جي قتل جو نه هو، اهو سڄي سماج جي گڏيل سوچ ۽ بي حسيءَ جو خوني ثبوت هو. سوال ئي اسان جي روين جي جڙ کولي ڏيکاري ٿو.
جڏهن اسان چوندا آهيون ته "خواجه سرا اهڙا ڇو آهن؟” تڏهن اصل ۾ اسان ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪندا آهيون ته انسان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي جنس چونڊي نٿو. ڪو ٻار ماءُ جي پيٽ مان اهو فيصلو ڪري پيدا نٿو ٿئي ته هو مرد ٿيندو، عورت ٿيندي يا ٽرانس جينڊر ٿيندو. اهو سڀ قدرت جي ورهاست آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان چوندا آهيون ته اها "غلطي” آهي، ته پوءِ سوال اهو اڀري ٿو ته غلطي ڪنهن جي آهي؟ ڇا ان جي، جنهن انهن کي پيدا ڪيو؟ يا ان جي، جيڪو دنيا ۾ اچڻ سان ئي هر دروازو انهن مٿان بند ڪري ڇڏي ٿو؟ صاف ڳالهه اها آهي ته خواجه سرا پنهنجي پيدائش جا ذميوار ناهن، پر اسان سڀ پنهنجن روين جا ذميوار آهيون.
خدا ڪنهن کي مختلف بڻايو ته ان ۾ سندس پنهنجو ڪو راز آهي. پر اسان انسانن ان فرق کي عيب بڻائي ڇڏيو. اسان اهو سوچيو ته "مرد” اشرف آهي، "عورت” ڪمزور آهي، ۽ "ٽرانسجينڊر” ته ڪا ڳڻپ ئي ناهي. هي درجو بندي خدا نه ڪئي آهي، اسان ڪئي آهي. جيڪڏهن اسان مڃي وٺون ته خدا جي تخليق ۾ ڪا غلطي ناهي، ته پوءِ سوال رڳو اهو بچي ٿو ته "غلطي اسان جي اکين جي آهي، اسان جي سوچ جي آهي، اسان جي تعصبن جي آهي. اسان انسان کي انسان جي تارازي ۾ پرکڻ بدران جنس جي پيماني سان توري ڇڏيو. اهو ئي اصل ڏوهه آهي، ۽ اها ئي اصل بي انصافي آهي.” خواجه سرا ننڍپڻ کان ئي سزا ڀوڳين ٿا. گهريلو ماحول ۾ کين بار سمجهي رد ڪيو ويندو آهي. اسڪولن ۾ انهن جو مذاق اڏايو ويندو آهي، پاڙي ۾ آوازا ڪيا ويندا آهن. وڏا ٿيڻ تي جڏهن هو تعليم يا روزگار وسيلي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته هر دروازو انهن مٿان بند ٿي وڃي ٿو. نتيجي ۾ هو رستن، چوراهن يا شادين جي محفلن ۾ رڳو تماشائي بڻجي رهجي وڃن ٿا. پوءِ سماج پاڻ ئي انهن مٿان آڱر کڻي چوندو آهي ته اهي "غير سنجيده” يا "غير اخلاقي” آهن.
ملير ۾ جهنگي ٻوٽن ۾ پيل اهي لاش پڪاري رهيا هيا ته قاتل رڳو اهو نه آهي جنهن ٽرگر دٻايو، پر اسان سڀ آهيون. اسان سڀ، جن کين زندگيءَ جي هر موڙ تي ڌتڪاريو. اها ماءُ، جنهن پٽ کي پٽ مڃڻ کان انڪار ڪيو. اهو استاد، جنهن ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو. اهو پوليس وارو، جنهن شڪايت لکڻ کان انڪار ڪيو.
پاڪستان 2018ع ۾ ٽرانسجينڊر پروٽيڪشن ايڪٽ منظور ڪيو هو. هن قانون دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هاڻي خواجه سرا برابر جا شهري آهن. هو پنهنجي سڃاڻپ پاڻ طئي ڪري سگهن ٿا، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهن ٿا، ۽ کين تعليم ۽ روزگار جا موقعا ملڻ گهرجن. پر اصل حقيقت اها آهي ته ڪاغذ ۽ واٽ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. قانون موجود آهي پر عمل نٿو ٿئي. پوليس گهڻو ڪري رپورٽ ئي داخل نٿي ڪري، عدالتن ۾ انهن جا ڪيس سالن جا سال لٽڪندا رهن ٿا، ۽ رياستي ادارا کين رڳو خانا پوري لاءِ ياد رکن ٿا.
هي مسئلو رڳو پاڪستان جو ناهي. دنيا ۾ به ٽرانس ماڻهو سڀ کان وڌيڪ پرتشدد واقعن جو شڪار ٿين ٿا. 2022-2023 دوران دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 321 ٽرانس فرد قتل ٿيا. ايندڙ سال اها تعداد لڳ ڀڳ 350 تائين وڃي پهتي. سڀ کان وڌيڪ قتل لاطيني آمريڪا ۾، خاص طور برازيل ۾ ٿيا. اتي به گهڻو ڪري مقتول نوجوان ٽرانس عورتون هيون، جيڪي غربت ۽ سماجي متڀيد سبب جنسي ڪم يا رستن تي مزدوري ڪرڻ تي مجبور هيون. يورپ ۽ آمريڪا ۾ صورتحال ڪجهه بهتر ضرور آهي، پر نفرت ۽ امتيازي رويا اتي به گهٽ ناهن. فرق صرف اهو آهي ته اتي سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عدالتون آواز اٿارين ٿيون. هتي ته لاشون جھاڙين ۾ ملن ٿيون ۽ ٻئي ڏينهن ڪا ٻي خبر کين پوئتي ڌڪي ڇڏيندي آهي.
ڪنهن انسان کي انسان نه مڃڻ حقيقت ۾ هڪ ذهني گندلاڻ ۽ گندگي آهي. اسان زندگي کي جنس جي خانن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ اها ئي اصل حقيقت آهي. مرد هجي ته سندس حيثيت دولت سان پرکي ويندي آهي. عورت هجي ته سندس ڪردار ۽ شخصيت کي سندس ڳالهيون ۽ ڪپڙا پرکندا آهن. ۽ ٽرانسجينڊر هجي ته کيس ته ڳڻپ ۾ شامل ئي نٿو ڪيو وڃي. اها ئي ورهاست اصل ۾ هڪ تشدد آهي. هڪ اهڙي دهشتگردي، جنهن لاءِ شايد ڪو قانون ئي ناهي. اهي قتل رڳو ٽن فردن جا نه آهن پر اسان جي گڏيل انسانيت جي قتل آهن. اهي اسان جي بي حسيءَ جو ماتم آهن. قاتل رڳو اهو ماڻهو ناهي، جنهن هٿيار کنيو، پر اهي سڀ آهن، جيڪي انهن جي ڏک کي تماشو بڻائيندا رهيا، انهن جي آواز کي مذاق بڻائيندا رهيا ۽ انهن جي حق کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندا رهيا.
هاڻي سوال اهو آهي ته اسان ڇا ڪنداسين؟ ڇا اسان رڳو ايندڙ قتل جو انتظار ڪنداسين؟ يا پنهنجا رويا بدلائينداسين؟ وقت اچي ويو آهي ته اسان مڃون ته خدا جي تخليق ۾ ڪو نقص ناهي. خواجه سرا به اها ئي مخلوق آهن، جيڪا اسان آهيون. انهن جو حق آهي ته هو تعليم حاصل ڪن، عزت وارو روزگار ڪن ۽ محفوظ زندگي گذارين. ان لاءِ رڳو قانون ڪافي ناهي. اسان کي سماجي رويا بدلائڻا پوندا. اسڪولن ۾ آگاهي پروگرام ٿيڻ گهرجن ته جيئن ٻار شروعات کان سکين ته مختلف هجڻ عيب ناهي. ميڊيا کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي ته ٽرانسجينڊر ڪردار رڳو مذاق يا منفي نموني ۾ ظاهر نه ٿين، پر هڪ انسان جي حيثيت سان سامهون اچن. رياست کي روزگار جا موقعا ڏيڻا پوندا ته جيئن کين ناچ گاني يا پنڻ تائين محدود نه رکيو وڃي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان کي پنهنجي گهرن ۾، پنهنجي ٻوليءَ ۾، پنهنجي دل ۾ اها جاءِ ٺاهڻي پوندي ته اهي به هن سماج جا برابر جا شهري آهن.
سو اصل انصاف تڏهن ٿيندو، جڏهن جهنگي ٻوٽن مان لاش نه، پر رستن تي جيئندا ۽ مرڪندا چهرا نظر ايندا. اصل انصاف تڏهن ٿيندو، جڏهن اسان اهو سوال ڪرڻ بند ڪري ڇڏينداسين ته "خواجه سرا اهڙا ڇو آهن؟” ۽ اهو مڃي وٺنداسين ته اهي به خدا جي تخليق آهن، اهو ئي خدا جنهن اسان کي بڻايو. ۽ جيڪڏهن خدا انهن کي بڻايو آهي، ته پوءِ غلطي انهن ۾ ناهي، غلطي اسان ۾ آهي، جو اسان اڄ تائين انسان کي انسان مڃڻ لاءِ تيار ناهيون.