ملير ۾ وڌندڙ بدامني جنهن جو رڳو نوٽيس ورتو ويو!

تحرير: جميل چانڊيو

سڄي دنيا جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال هيٺ آهي، ٽيڪنالاجي ذريعي معلومات کان وٺي کوجنا يا تحقيق جي عمل ۾ تيزي سان اڳيان وڌي رهي آهي پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي صوبي سنڌ مان اڃان تائين ڏوهي سرگرمين تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي، بجٽ تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته صوبي سنڌ جي بجٽ امن امان کي برقرار رکڻ ۽ پنهنجي عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ  تمام گهڻي رقم مخصوص ڪئي وڃي ٿي. ڪراچي آدمشماري جي لحاظ کان 4 ڪروڙ ماڻهن جو شهر آهي جتي روزانو قتل، ڦر، چورين سميت ڪيترائي ڏوهه ٿين ٿا جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ پوليس جي چرپر ميڊيا روڊن ۽ رستن تي نظر ته اچي ٿي پر هتان جو عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو.

 ماضي ۾ ڪراچي جو ضلعو ملير ڪراچي  جي ٻين ضلعن کان ڏوهن جي ڀيٽ ۾ پنجن کان 10 سيڪڙو تائين محدود هو پر بدقسمتي سان ملير ضلعو جيڪو قومي شاهراهه، سپر هاءِ وي، صنعتي ايريا، پورٽ قاسم، ماهيگيري، زراعت، معدنيات سميت انيڪ قسم جي آمدني ڏيندڙ ضلعي ۾ شامل هو. تنهن ۾ تازو فقط پنجن ڏينهن اندر هن ضلعي ۾ قتل غارت، ڦرلٽ ۽ ڏينهن ڏٺي ماڻهن کي مارڻ جو رڪارڊ ٽٽي چڪو آهي، تازو گلشن حديد لڳ هڪ خانگي سوسائٽي گلشن فلڪ ناز ۾ موجود گهر نمبر بي 58 ۾ ڌاڙو لڳو گهرڀاتين پاران جوابدارن سان مزاحمت دوران سخت تشدد سبب گهر ڌڻي فوت ٿي ويو، جوابدار گهر ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻوهاري فرار ٿي ويا، جوابدارن جي سخت تشدد ۾ گهر ڌڻي رائو جاويد علي خان جيڪو اڳوڻو ڊپٽي مئنيجر ايس ايم ڊي پاڪستان اسٽيل مل جو آفيسر هو فوت ٿي ويو.

 واقعي جو وزيراعليٰ سنڌ ۽ صوبائي گهرو وزير نوٽيس ته ورتو پر اڄ ان واقعي کي چوٿون ڏينهن گذريو آهي پر جوابدارن کي گرفتار نه آندو ويو آهي جڏهن ته ان واقعي ۽ ٻين واقعن متعلق ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جوابدارن جي گرفتاري ۽ علائقي واسين کي تحفظ ڏيارڻ جي پڪ پڻ ڪرائي هئي، ان واقعي جي ٺيڪ ٻن ڏينهن بعد ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد مان ٽن کدڙا فقيرن جون گوليون لڳل لاش ھٿ آيا جن جي پڻ ايف آءِ آر ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي درج ٿي.

هي ملير ضلعي جي تاريخ جو هڪ انوکو واقعو هو جنهن ۾ کدڙن فقيرن کي قتل ڪيو ويو هو ان کان اڳ ڪڏهن به هن خاص قسم جي فقيرن کي جاني يا مالي نقصان نه پهچايو ويو هو. هن لڏي جي ڪنهن سان به ڪا به دشمني يا ڪو ٻيو اهڙو سلسلو نه هو، اهڙي ناحق قتل خلاف کدڙن فقيرن سان تعلق رکندڙ تنظيم جياءَ پاران احتجاج به ڪيو ويو.

تازو اڱاري ڏينهن ڏينهن ڏٺي جو ملير جي هڪ وڏي آبادي شاهه ٽائون ۾ قائم سبحان الله ڊيري جي مالڪ اڳوڻي فوجي آفيسر محمد هارون سومرو جي کير جي دڪان تان ڏينهن ڏٺي جو 3 ڦورو پهتا جتي مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن مٿس 3 فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ محمد هارون سومرو زخمي ٿي پيو ۽ ڦورو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. محمد هارون سومري کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال موڪليو ويو جتي ان جي ڄنگهه ۾ لڳل گولي کي ڪڍيو ويو ۽ سندس جان بچي وئي. محمد هارون سومرو جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي موري سان آهي ۽ هو پنهنجي رٽائرمينٽ بعد ٻچن جي روزي روٽي هن کير جي دڪان ذريعي ڪندو هو، محمد هارون سومرو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو جو مامو آهي هي ملير جو ٽيون وڏو واقعو آهي جيڪو چئن ڏينهن ۾ ٿيو آهي پر ملير ضلعي جي واڳ امن امان جي حوالي سان هڪ اهڙي پوليس آفيسر جي هٿ ۾ آهي جنهن جو ڪردار عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي.

ملير سونهن، ساوڪ ۽ امن امان جي حوالي سان ماضي جو هڪ پرامن ۽ تاريخي حيثيت سان جڙيل آهي هن ضلعي جا ماڻهون پنهنجي روزي، روٽي، روزگار ۽ خاص طور تي زراعت ۽ معدنيات جي حوالي سان ڪراچي جي ٻين ضلعن کي خوراڪ، پاڻي ۽ صنعتي پيداوار جي حوالي سان هڪ وڏو ذريعو آهي پر بدقمستي سان لاڳيتن واقعن سبب عوام پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي ٿي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت خاص طور تي آءِ جي سنڌ پوليس غلام محمد نبي ميمڻ کي هن بگڙجندڙ امن امان جي صورتحال تي تحرڪ وٺڻو پوندو ته جيئن عوام جي تحفظ سان گڏوگڏ ڪاروباري، صنعتڪار، زراعت سان وابسته ماڻهن سميت عام شهرين جي حفاظت جا خاص اپاءُ وٺڻا پوندا ته جيئن صوبي ۽ ملڪ جي ترقي جي سفر کي جاري رکي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.