ڪتاب ”ٿري لوڪ گيتن جو سماجياتي اڀياس“ جو جائزو

تحرير: ساجد مسڻ

پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب جو هي ڪتاب "ٿري گيتن جو سماجياتي اڀياس” پنهنجي نوعيت جو اهم تحقيقي ڪم آهي. ڪتاب جو مهاڳ پڻ پاڻ لکيو آهي، هي ڪتاب پنجن بابن تي ٻڌل آهي، جن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جو تعارف، سماجيات، ٿر جو سماج، لوڪ ادب ۽ باب پنجي ۾ مجموعي طور ٿر جا مشهور لوڪ گيت شامل آهن. هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته ليکڪ هر موضوع جي اصل روح تائين لهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ موضوع جي مناسبت سان اهڙي ئي اصطلاح ۽ ٽرمينالاجي استعمال ڪري ٿو، جيڪا پڙهندڙ تي گهري اثر ڇڏي ٿي.ليکڪ ٿري ٻولي کي اهڙي دلچسپ انداز سان استعمال ڪيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي ٿر جي ماحول ۾ محسوس ڪري ٿو. سنڌ ۾ لوڪ ادب ۽ لوڪ گيتن تي اڳ ۾ به ڪيترن ئي عالمن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ("لوڪ گيت ۽ ڳيچ”)، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ڊاڪٽر چيٺي لولواڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، الله بخش نظاماڻي ۽ گل محمد گلاڻي شامل آهن. ان سان گڏوگڏ پراڻي پارڪر ۾ منگهارام اوجها، شير ريگستان ۾ محمد اسماعيل عرساڻي، استاد درائڄند ۽ محمد عثمان ڏيپلائي به لوڪ ادب تي اهم لکتون ڏنيون آهن.انهيءَ تسلسل ۾ پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب هن موضوع کي هڪ جامع، تفصيلي ۽ ريسرچ بيسڊ انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس ڪتاب ۾ ڇويهه اهم ٿري لوڪ گيت شامل آهن، جن ۾: بادليئو، ڀئيئو، چئو ماسو، همرچو، نئون همرچو، ڏهوڪو، هينڊامڻي، هچڪي، jهونٻڪيو، جوڌيو، ڪونجل، للڙ ياڙي لو، مڻيهارو، مومل، راڻو، موريو، ٻنهياري (1 ۽ 2)، سونٺ جيرو، سانوڻ ٽيج، وڻجارو، ورسارو، ٽُڙڙڙ ٽُڙڙڙ، ولاڙو، خيالي گومند ۽ ڇيل ڀمريو شامل آهن.

ليکڪ هر گيت کي ان جي وقت، حالتن، جذبات ۽ سماجي پس منظر جي مناسبت سان بيان ڪيو آهي.

"هچڪي گيت” يادگيريءَ سان لاڳاپيل لوڪ گيت، جنهن ۾ جدائي ۽ محبت جا احساس سمايل آهن.  صاحبِ ڪتاب نه صرف سائنسي انداز سان لکيو آهي، پر ساڳي وقت ٿري روايتن موجب جڏهن ڪنهن کي ڪنهن جي ياد ايندي آهي ته هچڪي ايندي آهي. پاڻ پڙهندڙ لاءِ اها به سهولت ڪري ڏني آهي ته جيڪي گيت ٿري ٻولي م لکيل آهن، انهن کي بريڪيٽ ۾ وري سولي سنڌيءَ ۾ وضاحت پڻ ڪئي آهي ۽ سولي طريقي سان سمجهايو پڻ آهي.

مثال طور هتي هچڪي بابت هڪ گيت جو ٽڪرو شامل ڪجي ٿو.

ننڍو ويرو، موٽو ويرو ،منان تيڙو ميلهي،

ٻاپا ٿانري ڌيوڙي پرديس هوئي ري،

ويرڻ هچڪي ،هيرونڙو هچڪي.

هن ٿري گيت ۾ ڪا ڇوڪري جڏهن شادي ڪري والدين کان جدا ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ، وڏي ڀاءُ، پيءُ ۽ ماءُ کي ساري ٿي اها ڪيفيت هن هچڪي گيت ۾ بيان ڪئي آهي. ٿر جو مشهور "همرچو گيت” گڏجي محنت ڪرڻ، همت ۽ اجتماعي جذبي جو اظهار آهي.

هن گيت جون ڪجهه سٽون پيش آھن:

آئي موسم مينھان ري لا،

آڀي ۾ آڙنگيو ڙي لا،

تڙتڙٻولي تاڙيو لا،

واڏليا پيا واڪين هولا.

  هن ڪتاب ۾ ليکڪ لاڳاپيل موضوع تي مختلف عالمن، اديبن، ۽ محققن جا مثال ۽ رايا عنوان مطابق ڏنا آهن، جيڪي سندس موضوع کي وڌيڪ تحقيقاتي ۽ سگهارو بڻائين ٿا.  هن ڪتاب جي خاص ذڪر جوڳي ڳالهه اها به آهي ته ليکڪ نه صرف گيتن کي فڪري ۽ سماجي پس منظر سان پيش ڪيو آهي، پر ٿري ٻوليءَ ۾ ڏنل گيتن جي معنيٰ سولي سنڌيءَ ۾ پڻ وضاحت ڪئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي، جيڪا پڙهندڙ لاءِ وڏي سهولت جوڳي آهي.

پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب جو هي علمي ۽ تحقيقي ڪتاب نه رڳو ٿر جي ثقافتي ۽ سماجي سڃاڻپ کي اجاگر ڪري ٿو، پر سنڌي لوڪ ادب کي نئين رخ سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. سندن لکڻي نه صرف ادبي ذوق کي تسڪين ڏئي ٿي، پر تحقيقاتي شعور کي به هٿي ڏئي ٿي.

ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سنڌ جي نامور ليکڪ ۽ دانشور گل محمد عمراڻي لکيو آهي. ڪتاب سيون اسٽار پرنٽرس اينڊ پبلشرس، حيدرآباد پاران شايع ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.