نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان 33 سالن جي ڊگهي انتظار کان پوءِ پهريون ڀيرو ڀارت جو “نيشنل فلم ايوارڊ” حاصل ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 71هين نيشنل فلم ايوارڊز جي تقريب نئين دهلي ۾ ٿي، جتي ڀارتي صدر دروپدي مرمو مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن کي کي ايوارڊ ڏنا.
ميڊيا رپورٽن موجب، شاهه رخ خان کي سال 2023ع ۾ رليز ٿيل فلم جوان لاءِ بهترين اداڪار جو قومي ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو سندس ڊگهي فلمي سفر جو پهريون نيشنل ايوارڊ آهي.
ساڳئي ڪيٽيگري ۾ فلم ٻارهين فيل ۾ جاندار ڪردار نڀائيندڙ وڪرانت ميسي کي به شاهه رخ سان گڏجي بهترين اداڪار قرار ڏنو ويو.
ان کانسواءِ راني مُکرجي کي فلم ” مرسز چئٽرجي ورسز ناروي“ ۾ شاندار پرفارمنس تي بهترين اداڪارا جو قومي ايوارڊ مليو.
واضح رهي ته شاهه رخ خان، جنهن کي دنيا ڪنگ خان جي نالي سان ڄاڻي ٿي، 1992ع ۾ فلم ”ديوانا“ ذريعي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.
ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي دوران ڪيترائي ملڪي ۽ پرڏيهي ايوارڊ حاصل ڪرڻ باوجود هو ڪڏهن به قومي فلم ايوارڊ کٽي نه سگهيو هو.
هاڻ سندس 33 سالن جو خواب پورو ٿي ويو آهي ۽ کيس فلم ”جوان“ لاءِ کيس بهترين اداڪار جو قومي ايوارڊ ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته ڀارت جي 71 هين نيشنل فلم ايوارڊز جي نامزد ٿيلن جو اعلان پهرين آگسٽ تي ڪيو ويو هو.
Prev Post
You might also like