عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ازدواجي لاڳاپن لاءِ سهولت ڏيڻ جي درخواست تي جواب طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ازدواجي لاڳاپن لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست تي چيف ڪمشنر، اڊيالا جيل اختيارين ۽ ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ازدواجي لاڳاپن لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي.
شهري شاهد يعقوب جي درخواست تي جسٽس ارباب محمد طاهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته عدالت ٻڌڻي جو هڪ صفحي جو حڪم نامو پڻ جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت چيف ڪمشنر، اڊيالا جيل اختيارين ۽ ٻين کي 30 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
حڪم نامي موجب درخواستگذار وڪيل چيو ته سيڪشن 545 اي فيملي لائف کي سپورٽ ڪري ٿو، جيل اختياريون اها سهولت فراهم نه ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.