پاڪستان جو سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو، پليئنگ اليون ڪهڙي آهي؟

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
سپر فور جي اهم مقابلي ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي سريلنڪا کي بالنگ جي دعوت ڏني.
پاڪستان اڄوڪي ميچ لاءِ پنهنجي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي ۽ ڀارت خلاف ميچ کيڏندڙ رانديگر ئي پليئنگ اليون جو حصو آهن.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن کي سپر فور مرحلي ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، سريلنڪا کي بنگلاديش ۽ پاڪستان کي ڀارت مات ڏني هئي.
فائنل تائين رسائي جون اميدون زنده رکڻ لاءِ ٻنهي ٽيمَن لاءِ اڄوڪي مقابلو کٽڻ انتهائي اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.