پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ 7 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ گذريل 3 سالن ۾ غربت جي شرح ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي.
پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ غربت جي موجوده شرح 25.3 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سال 2022 ۾ غربت جي شرح 18.3 سيڪڙو هئي، 24-2023 ۾ غربت جي شرح وڌي 24.8 سيڪڙو ٿي وئي ۽ 25-2024 ۾ اها شرح 25.3 سيڪڙو تائين وڃي پهتي.
هن چيو ته 2001 کان 2015 تائين پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ ساليانو 3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي هئي ۽ سال 2015 کان 2018 تائين پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ ساليانو هڪ سيڪڙو گهٽتائي ٿي، سال 2022 کانپوءِ غربت جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي ۽ سال 2020 ۾ غربت جي شرح ۾ ڪورونا کانپوءِ واڌ ٿي.
عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته 2011 کان 2021 دوران ماڻهن جي آمدني ۾ رڳو 2 کان 3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، گهٽ آمدني وارن شعبن ۾ 85 سيڪڙو ماڻهو ملازمت ڪندا آهن، جڏهن ته غير رسمي شعبن ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ملازمت ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.