شارجا (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي محقق سعيد مصباح الڪيتبي شارجا فورم دوران چئن زالن ۽ 100 کان وڌيڪ ٻارن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، ثقافتي ورثي جي محقق سعيد مصباح الڪيتبي شارجا ۾ سالياني ادبي ميلي دوران ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي چيو ته ” مون 4 شاديون ڪيون ۽ 100 کان وڌيڪ ٻارن جو پيءُ آهيان.“
اماراتي محقق جو چوڻ هو ته”مان اهو يقيني بڻايان ٿو ته منهنجا ٻار عزت، خانداني ذميوارين ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جون روايتون سکن، منهنجو بنيادي مقصد پنهنجن ٻارن کي ’السنع‘ (اماراتي قدر ۽ روايت) سيکارڻ آهي.“
خانداني ۽ ثقافتي قدرن بابت سعيد مصباح الڪيتبي جو بيان سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو ويو، جنهن هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدار مصباح الڪيتبي جي خانداني زندگي ۽ روايتن کي زنده رکڻ واري جذبي جي واکاڻ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي سندس چئن شادين بابت ٻڌي ماڻهن سندن ٻارن جي بهترين تربيت لاءِ دعا ڪئي.