ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بحريا ٽائون جي زمين الاٽ ڪرڻ واري ريفرنس جو معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريفرنس ۾ جوابدارن کي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت به ڏئي ڇڏي آهي.
بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي الاٽمينٽ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ريفرنس ۾ ملوث اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ منظور قادر ڪاڪا جا نالا ريفرنس مان خارج ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ريفرنس معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اهو دائري اختيار ٽرائل ڪورٽ جو آهي ته هو جوابدارن کي ريفرنس مان خارج ڪري يا نه، معاملو ٽرائل ڪورٽ موڪلي رهيا آهيون، ٽرائل ڪورٽ ئي ريفرنس تي فيصلو ڪندي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ٽي رڪني بئنچ قرار ڏنو هو ته معاملو ريگيولر بئنچ ٻڌندي، ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪاپي به فراهم ٿي چڪي آهي، اسان ريفرنس ۾ ضمانت نه پر بريت چاهيون ٿا.
جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته اهو دائري اختيار ٽرائل ڪورٽ جو آهي، ٽرائل ڪورٽ اوهان کي ريفرنس مان خارج ڪري يا نه ڪري.
وڪيل چيو ته نيب قانون ۾ ترميم بعد درخواستگذارن خلاف ريفرنس ٺهي ئي نٿو، نيب کي درخواستگذارن جا نالا ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ ئي نه گهرجن ها.
درخواستگذارن ۾ اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ منظور قادر ڪاڪا شامل آهن.
You might also like