ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ سموريون او پي ڊيز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ملازمن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سيورينس الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، گريڊ 1 کان 22 تائين سڀني مستقل ملازمن جي پگهارن ۾ 70 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، جڏهن ته گروپ انشورنس ۽ خيراتي فنڊ جي وقت سر ادائيگي ڪئي وڃي ۽ پينشن ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي وڃي.
اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي ۽ آفيسون انهن سڀني مطالبن جي منظوري لاءِ مڪمل طور تي بند رهنديون، رڳو ايمرجنسي سروسز فراهم ڪيون وينديون.
اهو اعلان گرينڊ هيلٿ الائنس (جِي ايڇ اَي ) جي ڪالهه سول اسپتال ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پي ايم اي، واءِ ڊي اي، واءِ اين اي، الائيڊ هيلٿ پروفيشنلز ايسوسيئيشن سنڌ، سنڌ پيرا ميڊيڪل اسٽاف، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف 041 ۽ 2076، ينگ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين حاجي محمد اشرف خاصخيلي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اڳواڻن واضح ڪيو ته هي قدم سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن جي منظوري لاءِ کنيو ويو آهي ۽ بائيڪاٽ تيستائين جاري رهندو جيستائين حڪومت هاڪاري قدمن جو اعلان نه ڪندي.
هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا سڀئي سرڪاري ملازم هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن ۽ پنهنجي حقن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽندا.
You might also like