پشاور(عوامي آواز نيوز)جماعت اسلامي جي اڳواڻ سراج الحق چيو آهي ته وادي تيره ۾ افسوسناڪ واقعو جتي عام ماڻهو شهيد ٿيا آهن جن ۾ ننڍڙا ٻار به شامل آهن، اسان کي انتهائي ڏک پهتو آهي،ٽوئيٽر تي بيان ۾ هن چيو ته هي صوبائي حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارن جي نااهلي آهي،واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سچ قوم جي سامهون آندو وڃي،شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت پيش ڪريون ٿا،حڪومت کان گهر ڪيون ته اهي شهيدن جي جاني ۽ مالي نقصان جو فوري ازالو ڪن