ميرپورماٿيلو (ن ع آ) شهيد صحافي جا وارث انصاف لاءِ اڃا به منتظر، ميرپور ماٿيلو جي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري، پوليس پاران جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏھن ته فريادي ڌر عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھي، ٻڌڻي دوران عبدالله لنڊ پڻ پيش ٿيو جڏهن ته فريادي ڌر مان ڪو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته فريادي ڌر پنهنجي وڪيل ذريعي گذريل ٻڌڻي دوران عدالت ۾ درخواست ڏني ھئي ته ڪيس ميرپورماٿيلو مان ڪنهن ٻي عدالت ڏانهن ٽرانسفر ڪيو وڃي، گذريل ٻڌڻي بعد شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي اھو پڻ چيو ھو ته جوابدار قتل ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ مسلسل سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر اسان آخري دم تائين ڪيس وڙھندا سين، ٻي پاسي ايس ايس پي گھوٽڪي ھن وقت تائين شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار برڪت لنڊ کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيو آهي.