نئين دهلي (عوامي آواز نيوز) ڀارتي تجزئي نگار ميجر گورو هڪ ولاگ ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ دفاعي ڊيل علائقي ۾ وڏي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي، ٻنهي ملڪن تي حملو ڪنهن هڪ تي نه پر ٻنهي تي تصور ڪيو ويندو. هي معاهدو پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ فائدي سان گڏ سعودي عرب جي سلامتي لاءِ به اهم قدم آهي. ٻئي طرف سعودي حڪومت رياض ۽ جده ۾ ڪيترن ئي ميوزڪ لائونجز کي بند ڪري ڇڏيو آهي جن بابت سبب طور غير معياري کاڌي ۽ صفائيءَ جي کوٽ ٻڌايو ويو، پر اهو مذهبي ۽ قدامت پسندن جي دٻاءَ جو نتيجو آهي، جن ميوزڪ کي حرام قرار ڏئي احتجاج ڪيو هو. ولي عهد محمد بن سلمان جي جديديت واري پاليسي کي قدامت پسند سماجي دٻاءُ ۽ عرب اسپرنگ جهڙي ممڪن ردعمل جي ڪري چئلينج درپيش آهي، جنهن سان گڏوگڏ ملڪ اندروني تضادن جو شڪار ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ سعودي قيادت تي اهو به دٻاءُ هو ته غير مسلم فوج نه هجڻ گهرجي، ان لاءِ پاڪستان سان معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ سموري مسلمان فوج هوندي.