اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ملٽري ٽرائل خلاف حڪومت جي داخل ڪيل انٽراڪورٽ اپيلن تي پنهنجو لکيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ فوجي عدالت مان سزا ماڻيندڙ ماڻهن کي اپيل جو حق ڏيڻ ۽ ان مقصد لاءِ حڪومت کي 45 ڏينهن اندر قانون سازي جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ فوجي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن تي مشتمل 68 صفحن جو فيصلو جسٽس امين الدين خان لکيو، جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر 47 صفحن تي مشتمل واڌو نوٽ لکو. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 7 مئي تي ملٽري ٽرائل خلاف حڪومت جي انٽراڪورٽ اپيلن کي منظور ڪندي، پنج ججن طرفان ڏنل ملٽري ٽرائل بابت اڳوڻو فيصلو رد ڪيو هو. جسٽس امين، جسٽس حسن رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس شاهد بلال اضافي نوٽ سان اتفاق ڪيو، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم افغان اختلافي نوٽ لکيو۔ سپريم ڪورٽ انٽراڪورٽ اپيل ۾ ملٽري ٽرائل جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ملٽري ڪورٽ مان سزا ماڻيندڙ ماڻهن کي اپيل جو حق حاصل هجڻ گهرجي، ۽ حڪومت کي 45 ڏينهن اندر قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مناسب آئيني ردعمل آرمي ايڪٽ جي شقن کي مڪمل طور رد ڪرڻ نه آهي، آرمي ايڪٽ ۾ بنيادي ضابطن جي موجودگي آهي، پر عام شهرين لاءِ مناسب اپيل فورم موجود ناهي. فيصلي مطابق، فوجي عدالتن مان سزا ماڻيندڙ شهرين لاءِ هاءِ ڪورٽن ۾ آزاد اپيل جي لاءِ قانون سازي ضروري آهي. ان دوران ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اٽارني جنرل ڪيترائي ڀيرا اپيل جي حق بابت حڪومت کان هدايت وٺڻ لاءِ وقت ورتو، 5 مئي جي آخري ٻڌڻي تي به ساڳيو چيو، اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم ڏئي ته پارليامينٽ قانون سازي ڪري سگهي ٿي. فيصلي مطابق، اٽارني جنرل چيو ته عدالتي حڪم کي سنجيدگي سان ورتو ويندو. سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن آزاد اپيل جو حق نه هجي ته آرمي ايڪٽ ۾ موجود ضابطن جو لاڳو ٿيڻ عام شهرين لاءِ آئيني طور مڪمل ناهي، ان ڪري اپيل جي حق کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون سازي ضروري آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته حڪومت ۽ پارليامينٽ کي 45 ڏينهن اندر اپيل جي حق بابت قانون سازي ڪرڻي پوندي.سپريم ڪورٽ لکيل فيصلي ۾ چيو ته آرمي ايڪٽ تحت ٿيندڙ ٽرائلز کي بنيادي آئيني حقن جي نظام کان ٻاهر رکيو ويو آهي، پر ملٽري ٽرائلز ۾ به آئيني آرٽيڪل 10-اي تحت مقرر ڪيل معيار تي عملدرآمد لازمي آهي. فيصلي مطابق، فوجي عدالتن ۾ ٿيندڙ ٽرائلز اختيارن جي ورهاست واري اصول سان ٽڪراءُ ۾ نه آهن، آرٽيڪل 175(3) فوجي عدالتن جي قيام جي نفي نٿو ڪري، پنج رڪني بئنچ ان نتيجي تي پهچڻ ۾ غلطي ڪئي هئي. ياد رهي ته هلندڙ سال 7 مئي تي سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بئنچ، جيڪو جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو هو، فوجي عدالتن ۾ سول شهرين جي ٽرائل کي جائز قرار ڏيندي، حڪومت جي انٽراڪورٽ اپيلون منظور ڪري، آرمي ايڪٽ کي اصلي شڪل ۾ بحال ڪري ڇڏيو هو۔