گهوٽڪي جي مشهور آرٽسٽ ڪفيل ڀائي جي موڪلاڻي

تحرير: اياز لطيف دايو

گهوٽڪيءَ جي سڃاڻپ جيتري پيڙن جي حوالي سان آهي، ايتري ئي سڃاڻپ ڪفيل ڀائي جي به هئي، جنهن پنهنجي آرٽ جي حساب سان انهيءَ وقت مشهوري حاصل ڪئي، جڏهن پينافليڪس يا ڪمپيوٽر جي ڪم جي شروعات ئي نه ٿي هئي. ڪفيل ڀائي پنهنجو آرٽ جي لکائي جو ڪم ٻنهي هٿن سان اک ڇنڀ ۾ ڪري وٺندو هو، انھيءَ ڪري کيس ليفٽ آرم رائٽ آرم سڏيو ويندو هو.

.گهوٽڪي ۾ ڪفيل ڀائي جي پينٽنگ جي حساب سان هڪ هٽي هوندي هئي. جيڪڏھن ھو چاهي ها ته انھي دور جي ڪمائي مان هن وقت کيس ڪروڙن جي ملڪيت هجي ها پر کيس دولت سان ڪا دلچسپي نه هوندي هئي. ڪفيل ڀائيءَ جون  ٻه عادتون جڳ جهان ۾ مشهور هيون. هڪ ته  هر ڪنهن سان ملڻ وقت هٿ کي چمي ڏيڻ ۽ ٻيو پنهنجي ڪم جو معاوضو اهو چئي وصول ڪندو هو ته ”جو هي بس جيب ۾ ڊال دو“. پر ماڻهو ايڏا ظالم هوندا هئا،انهي ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ هن کان هزارين روپين ڪم ڪرائي رنگ، برش ۽ محنت مزدوري جيترا پيسا به نه ڏيندا هئا.

هن کي پنهنجي نالي ۽ ڪرڪيٽ سان تمام گهڻو عشق هوندو هو، بينر يا ڪنهن بورڊ تي اڳ ۾ ڪفيل ڀائي لکي پوءِ باقي ڪم شروع ڪري منفرد مسڪراهٽ سان چوندو هو ته بعد ۾ متان نالي لکڻ جي جاءِ نه بچي. سڄو ڏينهن بالٽي رنگ جي ۽ ڳوٿري برشن جي کڻي هو هوٽلن، پمپن ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي اڏن تي نظر ايندو هو، جتي هر ٽرڪ، ٽرالر ۽ بسن تي پنهنجو نالو ڪفيل ڀائي ضرور لکندو هو، جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ هو مشهور ٿي ويو. گهوٽڪي جا ماڻهو پاڪستان جي ڪهڙي به شهر ۾ ويندا هئا ته ڪفيل ڀائي جي لاءِ ضرور پڇا ڪندا هئا.بعد ۾ هن گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي پهچي مال گاڏين ۽ مسافر ٽرينن تي پڻ پنهنجو نالو پينٽ ڪرڻ شروع ڪيو.

سندس اهڙي ديوانگي ڏسي ڪير به ڪفيل ڀائي کي روڪيندو نه هو. هن جي جهاز تي پنهنجو نالو لکڻ واري هڪڙي خواهش اڌوري رهجي وئي. اڳتي هلي چاچي خليل اي پاڪستاني جا ٻه فرزند فوت ٿي ويا ۽ پاڻ به پيرسني جي ڪري ڪم نه ڪري سگهندو هو، تنهنڪري سندس آمدني جو واحد ذريعو ڪفيل ڀائي هو جيڪو پنهنجي سادي طبيعت جي ڪري پيسي ۽ ٻين فڪرن کان پري هو، تنهنڪري چاچو پاڪستاني هن کان پينٽنگ جو ڪم ختم ڪرائي کيس ڪرسين جي پالش واري هڪ دڪان تي ڇڏي آيو جتان هن کي مزدوري ملندي هئي ۽ ائين سندن گذر سفر ٿيندو هو. ڏهه پندرهن سال اڳ پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪري چاچو پاڪستاني ڪفيل ڀائي ۽ فيملي سان گڏ ڪراچيءَ پنهنجي عزيزن ڏانهن لڏي ويو. ڪجهه سال اڳ سندس انتقال ٿي ويو، پوءِ ڪفيل ڀائي به بيماري جي بستري تي اچي ويو.ٽيون گهوٽڪي جو اهو انوکو ڪردار لاڏاڻو ڪري اسان کي ۽ پنهنجي منفرد فن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪري ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.