ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ روڊن جي حالت خراب هجڻ سبب موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ڀڳل ٽُٽل رستا عذاب بڻجي ويا آهن، ڪيترن ئي شاهراهن ۽ رستن تي ننڍن پٿرن ۽ ٻين مسئلن سبب موٽر سائيڪل ۽ رڪشن جا ٽائر روزانو پنچر ٿيڻ معمول بڻجي ويا آهن،شهر ۾ هڪ شهري محمد سليم، مالي تنگي ۽ دڪان بند ٿيڻ کانپوءِ پنچر جو ڪم جاري رکڻ لاءِ موبائل پنچر شاپ شروع ڪري ڇڏيو، جيڪو رڪشا ۾ لڳل آهي ۽ ڪنهن به هنڌ تي پهچي فوري سروس فراهم ڪري ٿو، محمد سليم ٻڌايو ته برساتن کان پوءِ رستن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، وڏا وڏا کڏا ۽ نيڪال جا مسئلا پيدا ٿيا، جنهن ڪري ٽرانسپورٽ متاثر آهي، هن چيو ته آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ هجڻ ڪري دڪان جو ڪارو بار خساري ۾ ويو، پر زال جي صلاح تي هن رڪشي ۾ شاپ کولڻ جو فيصلو ڪيو، ٻئي طرف موٽر سائيڪل سوارن ۽ رائيڊرن شڪايت ڪئي ته روز روز پنچر ٿيڻ سبب مالي مسئلا وڌي ويا آهن، جڏهن ته عورت بائڪرن لاءِ به اهو وڏو مسئلو آهي. ڪيترين ئي عورتن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي فوري طور تي رستن جي مرمت ڪرائي.