برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا پاران فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان

لنڊن (م ڊ) برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا فلسطين کي باضابطه طور تي رياست تسليم ڪري ورتو، برطانيه جولاءِ ۾ اسرائيل کي الٽي ميٽم ڏنو هو ته جيڪڏهن اسرائيل غزا ۾ جاري بحران جي خاتمي لاءِ قدم نه کنيا ته برطانيه سيپٽمبر ۾ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو، سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي بيان جاري ڪندي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته فلسطيني ۽ اسرائيلي عوام لاءِ امن ۽ ٻه رياستي حل جي اميد کي زنده رکڻ لاءِ برطانيه فلسطين کي باضابطه طور رياست تسليم ڪري رهيو آهي، حماس جو فلسطيني حڪومت ۽ سيڪيورٽي ۾ ڪوبه ڪردار نه هئڻ گهرجي، ڪينيڊا به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ڇڏيو آهي. ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو ته اسرائيلي حڪومت هڪ منظم حڪمت عملي سان فلسطيني رياست جي قيام جا امڪان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.