سنڌ ۾ گهوٻين جا ظاهر ٿيندڙ ڪيس ۽ حڪومتي نااهلي

سنڌ جي انتظامي ڍانچي جي زبون حالي ۽ بيحسيءَ جو تازو انڪشاف عوام جي اڳيان وري هڪ ڀيرو اچي بيٺو آهي. سنڌ جي مختلف کاتن جي 3 لک 8 هزار کان وڌيڪ پينشنرن مان هزارين پينشنرن جا فائيل گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو رڳو هڪ انتظامي غلطي نه پر منظم ڪرپشن ۽ نااهليءَ جي شاهدي آهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف شڪي پينشنرن کي پينشن ملڻ جو خدشو ناهي، پر هزارين بيگناهه ۽ مستحق رٽائر ملازمن جي حياتي گذارڻ جا ذريعا به خطري ۾ اچي ويا آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ نڪتل حقيقتن موجب، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رڪارڊ جي کوٽ، پراڻي سسٽم جي خرابي، غير مستند سڃاڻپ ۽ جعلي آئي ڊين جي بنياد تي اربين روپين جون گهوٻيون هڻڻ جا قصا سامهون اچي رهيا آهن. خزاني واري سيڪريٽري فياض جتوئي به واضح ڪيو آهي ته ڪيترائي پراڻا ڪيس فيملي پينشنرن جا آهن، جتي فوت ٿي ويل ملازمن جا وارث اڃا تائين پراڻن 9 انگن وارن شناختي ڪارڊن تي ٻڌل ڪيس هلائي رهيا آهن، جڏهن ته هاڻوڪي نظام ۾ 13 انگن وارو شناختي ڪارڊ لازمي آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سسٽم جي تبديلي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نئين ضرورتن سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن ته سرڪار ۽ لاڳاپيل کاتن ان کي وقت سر حل ڇو نه ڪيو؟ اجلاس ۾ هڪ ٻيو انتهائي سنگين انڪشاف به ٿيو ته 2021ع ۾ سنڌ جي 9 ضلعن ۾ پينشن جي فنڊن ۾ 40 ڪروڙ روپين جي گهوٻيون ثابت ٿيون، جن ۾ خزاني واري کاتي جا 16 ملازم ۽ اڪائونٽس جي شعبي جا آفيسر ۽ ملازم سڌي ريت ملوث هئا. ساڳي وقت، ڪجهه ضلعن جهڙوڪ نوشهروفيروز ۾ ڪيترن ئي پينشنرن کي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ڀيرا پينشن جاري ڪرڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن انفرادي غلطيءَ جو نتيجو ناهي، پر هڪ اهڙي منظم نيٽ ورڪ جو عمل آهي جيڪو رياستي وسيلن کي پنهنجو ذاتي مال سمجهي استعمال ڪري رهيو آهي.

هاڻي پي اي سي هڪ مهيني اندر سڀني کاتن کان پينشنرن جا فائيل لاڳاپيل ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ساڳي وقت اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن لاڳاپيل کاتا پنهنجو رڪارڊ جمع نه ڪرائيندا ته شڪي پينشنرن جون آءِ ڊيون بلاڪ ڪيون وينديون. ظاهر آهي ته هي فيصلو هڪ هنگامي قدم آهي، پر سوال اهو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري ٿيندڙ پينشن سسٽم ۾ اهڙي غير ذميواري کي اڳ ۾ ڇو نه روڪيو ويو؟ ۽ جيڪڏهن هن سڄي عمل ۾ هزارين فائيلون واقعي گم ٿي چڪيون آهن ته ان جو جوابده ڪير هوندو؟ هي معاملو رڳو پينشنرن تائين محدود ناهي. اهو اصل ۾ سنڌ جي سموري بيوروڪريسي، مالياتي نظام ۽ انتظامي ڍانچي جي ناڪاميءَ جو عڪس آهي. سنڌ جي تعليم کاتي کان وٺي صحت، بلڊنگس ۽ ٻين کاتن ۾ به ساڳيا مسئلا  موجود آهن. جيڪڏهن پينشن جهڙي اهم معاملي  جو رڪارڊ محفوظ نه آهي، ته پوءِ ٻين شعبن ۾ ڪهڙي شفافيت جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ رٽائر ٿيل ملازمن جي گهڻائي غريب طبقي سان واسطو رکي ٿي. هڪ استاد، هڪ ڪلارڪ، هڪ پٽيوالي جيڪو سڄي ڄمار معمولي پگهار تي ڪم ڪري پنهنجي خاندان جو گذران ڪندو آهي، ان جي ساري اميد ان پينشن تي هوندي آهي جيڪا کيس رٽائرمينٽ کان پوءِ گذر بسر لاءِ ملي ٿي. جڏهن ان جي فائيل گم ٿي وڃي ٿي يا ان جي آءِ ڊي جعلي پينشنرن ۾ شامل ٿي وڃي ٿي، تڏهن ان جي گهر جا چلها بند ٿي وڃن ٿا.  پي اي سي ۾ ٿيل بحث دوران جڏهن اهو سوال اٿاريو ويو ته فوت ٿيل ملازمن جي وارثن کي پينشن ڏيڻ لاءِ فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (ايف آر سي) ڇو نه پيو گهرجي، تڏهن به واضح جواب اهو مليو ته سيپ سسٽم ۾ ان لاءِ ڪا شق ئي موجود ناهي. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سسٽم متعارف ڪرائڻ باوجود به ادارا پنهنجي ذميواري مڪمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن نادرا کان فيملي ٽري لنڪ حاصل ڪرڻ جو عمل اڳ ۾ ئي طئي ٿي ويو هو، ته پوءِ ان کي عمل ۾ آڻڻ ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟

اهو سوال به انتهائي اهم آهي ته جيڪي 40 ڪروڙ روپين جون گهوٻيون ثابت ٿيون، انهن ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪيو ويو؟ ڇا انهن خلاف فوجداري ڪارروائي به ٿي؟ ڇا کين عوامي خزاني لٽڻ جي ڏوهه ۾ سزا به ملي؟ يا صرف برطرفيءَ سان معاملو ختم ڪيو ويو؟ جيڪڏهن صرف برطرفي ئي سڀ کان وڏي سزا آهي ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ نوان ملازم به ساڳئي رستي تي هلندا ۽ پڪ سان اهو سوچيندا ته ”چوري ڪر، ڀلي پڪڙي پئو، وڌ ۾ وڌ برطرفي ملندي، ٻي ڪا سزا ناهي.“ سنڌ ۾ ڪرپشن جو اهو سلسلو نئون ناهي، پر پينشنرن جي حوالي سان جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن، انهن ماڻهن جي روزي، عزت ۽ زندگي سان سڌي ريت کيڏيو آهي. سنڌ حڪومت کي هاڻي وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ بدران هڪ جامع ۽ شفاف نظام لاڳو ڪرڻو پوندو.

پينشن سسٽم کي ”راست“ ۽ ”مائيڪرو پئمينٽ ٽيڪنالاجي“ تي منتقل ڪرڻ جو عمل جيڪڏهن صحيح نموني ۽ شفافيت سان ڪيو وڃي ته يقيناً گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو. پر سنڌ ۾ اهڙن منصوبن جو تاريخي تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته نئين سسٽم سان گڏ نئين طريقي سان لٽ ڦر به شروع ٿي ويندي، سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي خزاني واري کاتي کي لازمي آهي ته هو هن معاملي تي ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪري. سڀني گم ٿيل فائيلن جي فوري ڳولا، جعلي پينشنرن جي نشاندهي، اصل مستحق وارثن کي فوري فائدو پهچائڻ ۽ ملوث آفيسرن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ جديد ۽ محفوظ ڊيجيٽل آرڪائيوز جو نظام قائم ڪرڻ لازمي آهي، جتي هر پينشنر جو رڪارڊ محفوظ هجي. جيڪڏهن هاڻي به حڪومت بيحسيءَ جو مظاهرو ڪندي، ته ايندڙ وقت ۾ نه رڳو وڌيڪ گهوٻيون ثابت ٿينديون پر هزارين رٽائر ملازم ۽ سندن وارث بک ۽ تڪليف کي منهن ڏيندا رهندا. سنڌ ۾ اڳ ئي ماڻهن کي روزگار، علاج، تعليم ۽ بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، هاڻي جيڪڏهن سندن زندگيءَ جي پوئين سهاري يعني پينشن کي به لٽيو ويندو ته پوءِ هن معاشري ۾ انصاف جو نالو ئي ختم ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.