ڄامشورو / حيدرآباد (پ ر) 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف 24 سيپٽمبر 2025 تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس جي حوالي سان مختلف سياسي سماجي اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي ۽ سارنگ راجا عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو سان قاسم آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ۽ نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري سان ڄامشوري ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري کين 24 سيپٽمبر تي اعلانيل ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي 27 هين آئيني ترميم جون تياريون ٿي رهيون آهن، 26 سيپٽمبر تي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ 27هين ترميم جو مسودو پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. هن ترميم وسيلي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو پيو وڃي.