ڪشمور (عوامي آواز نيوز) ڪشمور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، ڪشمور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽن موجب شهيد اهلڪار سهيل، برگيڊ ٿاڻي ۾ مقرر هو، فائرنگ جي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي صوبائي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪشمور کان فوري رپورٽ طلب ڪئي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پوليس ڪلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. پوليس کي حڪم ڏنو ويو آهي ته گشت، ناڪابندي ۽ پيٽرولنگ کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.
مڙس هٿان زال ڪراچي کان جيڪب آباد آڻي قتل
جيڪب آباد (ڊ ر) بينظير جي وظيفي جا پئسا وٺي اچون، مڙس ڪراچي کان زال آڻي جيڪب آباد ۾ قتل ڪري ڇڏيو، صدر ٿاڻي جي حد محمد شريف ڪالوني ۾ جوابدار اعجاز ڊومڪي پنهنجي 30 ورهين جي زال نور خاتون کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي پيءُ عبدالوهاب ڊومڪي ٻڌايو ته ناٺي اعجاز ڊومڪي ڪراچي ۾ رڪشو هلائيندو هو جنهن پنهنجي زال کي اهو چئي جيڪب آباد آندو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط اچي وئي آهي، پئسا وٺي اچون جيڪي اڄ صبح جو پهتا ۽ منهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ منهنجي ڌيءَ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو، پوليس ٻڌايو ته واقعي جو جاچ ڪيون پيا، چوٻول آهن ته ناري کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي پر جاچ بعد سموري خبر پوندي.
گرين لائن رٿا تي ميئر ڪراچي کي ٺيڪيدار تي اعتراض آهن: ترجمان وفاقي سرڪار
اسلام آباد(بيورو)حڪومت پاڪستان جي ترجمان گرين لائين منصوبي بابت وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڪم روڪجڻ جو سبب ٺيڪيدار جي اين او سي (NOC) تي ميئر ڪراچي جا تحفظات آهن، حڪومت پاڪستان جي ترجمان، بيرسٽر راجا انصاري چيو ته ميئر ڪراچي کي ٺيڪيدار جي اين او سي تي اعتراض آهي، گرين لائين جي توسيع وارو ڪم شروع ٿي چڪو هو، ۽ نمائش کان جامع ڪلاٿ تائين ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو هو۔راجا انصاري چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون پاڻ به منصوبي جي نگراني ڪئي هئي، هاڻي ميئر صاحب وضاحت ڪن ته کين ڪهڙو اعتراض آهي، اصل مسئلو ميئر ڪراچي ۽ ٺيڪيدار جي وچ ۾ آهي۔هن وڌيڪ چيو ته وفاق پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچي جي ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ چاهيون ٿا۔
سوشل ميڊيا تي دولت ڏيکاريندڙن خلاف ايڪشن جو اعلان
اسلام آباد (بيورو) فيڊرل بورڊ آف ريوينيو (ايف بي آر) سوشل ميڊيا تي دولت جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي دولت ڏيکاريندڙ لکين ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ هڪ لک امير ماڻهن جي آڊٽ ڪئي ويندي، مليل ڄاڻ موجب شادين ۾ وڏا خرچ ڪندڙ نان فائلرز خلاف به ڪارروائي ٿيندي، 20، 20 هزار ڊالر جا سوٽ پائيندڙ، بنگلا، گاڏيون ۽ زيور ڏيکاريندڙن کي پنهنجا آمدني جا ذريعا ٻڌائڻا پوندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر گذريل سال جمع ڪرايل گوشوارن جو هن سال سان مقابلو ڪندو.
حيدرآباد ۾ اڄ ”ٻوڏ جا سبب “عنوان سان ويهڪ ٿيندي
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد روشن خيال فورم پاران اڄ 21 سيپٽمبر آچر جي ڏينهن شام پنجين وڳي حيدرآباد پريس ڪلب جي هال ۾ "انڊس رور سسٽم: 2025ع جي ٻوڏ, سبب ۽ سبق” جي عنوان هيٺ ويهڪ منعقد ٿيندي. جنهن ۾ ملڪ جو ناميارو پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس سنڌو درياهه, ٻوڏ ۽ سسبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ويهڪ ۾ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.
ڀارت مئي واري جنگ کانپوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي ويو: ڀارتي اينڪر
نئين دهلي (م ڊ) مئي جي جنگ بعد ڀارت بيانيي واري جنگ به هارائي ويو، ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا جي اينڪر پرسن پالڪي شرما اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت مئي جي جنگ کان پوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي ويو هو، هڪ تقريب ۾ ڏنل انٽرويوءَ دوران ڀارتي اينڪر پرسن پالڪي شرما چيو ته ڀارت کي اهو سبق سکڻو پوندو ته اسان وٽ ٽيلنٽ آهي، پئسو به آهي، پر ويزن جي سخت کوٽ آهي، پالڪي شرما اعتراف ڪيو ته ڀارت مئي جي جنگ کان پوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي ويو هو، ڀارتي اينڪر جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جڏهن به اسان حڪمت عملي تي ڳالهائيندا آهيون ته اسان جي سوچ سرحد ۽ ڊپلوميسي تي اچي بيهندي آهي، پر اسان ميڊيا بابت نٿا سوچيون، ان جي ابتڙ سڄي دنيا ۾ ميڊيا کي هڪ حڪمت عملي واري ذريعي طور قبول ڪيو پيو وڃي.
جلال پور ۾ موٽروي جو ٻيو حصو به ٻوڏ ۾ لڙهي ويو
لاهور (عوامي آواز نيوز) صوبي جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب درياهه راوي، ستلج ۽ چناب ۾ سيلاب سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق مختلف حادثن ۾ 127 شهري حياتي وڃائي چڪا آهن۔رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شديد سيلابي صورتحال جي نتيجي ۾ 4 هزار 700 کان وڌيڪ موضع متاثر ٿيا آهن ۽ 47 لک 55 هزار ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ متاثرن لاءِ 319 رليف ڪيمپس ۽ 407 ميڊيڪل ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن۔ ٻئي طرف جلالپور پيروالا جي ويجهو سيلاب سبب موٽروي ايم-فائيو جو هڪ ٻيو حصو ٽٽي پيو، جنهن ڪري اها موٽروي ٽريفڪ لاءِ بند آهي ۽ گاڏين کي متبادل رستن تان گذاريو پيو وڃي،ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ڪيمپن ۾ بي وسيءَ جي تصوير بڻيل آهن.