ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هڪ متاثر ٻارڙي جي والده ۽ عدالت ۾ موجود سائلن جوابدار کي مارڪٽ ڪئي، پوليس جوابدار کي اعترافي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏانهن پيش ڪيو پر جج جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب وقفو ڪيو ويو، عدالتي اڱڻ ۾ متاثر ٻارڙي جي ماءُ ۽ ٻين سائلن جوابدار کي مارڪٽ جو نشانو بڻايو، جنهن سبب سندس حالت بگڙجي وئي ۽ پوليس کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو،اعتراف کان پوءِ عدالت جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو اهي ته هو 10 سالن کان نابالغ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان زيادتي ڪندو رهيو ۽ پنهنجي موبائل فون سان سندن ويڊيوز ٺاهي محفوظ ڪندو رهيو، هڪ سينيئر آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان برآمد ٿيل موبائل ۾ 8 کان 12 سالن جي ڇوڪرين سان جنسي زيادتي جون سوين ويڊيوز موجود آهن، جاچ دوران جوابدار اعتراف ڪيو ته هو سوين ڇوڪرين کي ڪجهه سو رپيا ڏئي ٺڳيندو هو ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويندو هو، هن وڌيڪ تسليم ڪيو ته قيوم آباد سي-ايريا ۾ پنهنجي ڪمري اندر تقريبن 100 نابالغ ڇوڪرين کي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ان جي فلمبندي به ڪئي.