ڪراچي جي ورهاست جائز آهي ته سنڌ جي غلط ڇو؟ :خالد مقبول

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نوان صوبا ٺهي سگهن ٿا ته سنڌ ۾ ڇو نه؟ ڪراچي جي ورهاست کي جائز پر سنڌ جي ورهاست کي غلط چوڻ غير منطقي آهي. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي هن  چيو ته صوبن جي مطالبي کي غداري قرار ڏيڻ ئي سڀ کان وڏي غداري آهي. هن چيو ته ڪراچي دنيا کي سهارو ڏئي ٿو پر پاڻ محروم آهي، هتي سڃاڻپ جو بحران آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 1972ع کانپوءِ صنعت کي جاگيردارن جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آدمشماري، تڪ بنديون ۽ ووٽر لسٽن کي درست ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته ڪراچي جي حقن کي هميشه دٻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.