سکر/ روهڙي (رپورٽ: نعيم شاهه/ زين ڪٽپر) سکر ۾ فصل جي ڀيل تان بدترين تشدد جو شڪار ڏاچي کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل موجب شروعاتي علاج بعد ڏاچي کي فوري طور تي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، سکر جي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ ظلم جي انتها ڪئي وئي، علائقي جي بااثرن ڏاچي کي غير آباد زمين ۾ اچي پاڻي پيئڻ ڪري بي زبان ڏاچي جي ٽنگ ڀڃي ڇڏي، ڏاچي مالڪ جون دانهون، وس وارن جي نوٽيس بعد واقعي حد جي ٿاڻي تي ٽن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ٻڌايو ويو ته علائقي جي بااثر شخصيتن عمر ملڪ، رسول بخش شيخ قربان علي بروهي ۽ ٻين مبينا طور تي غير آباد زمين ۾ اچي پاڻي پيئڻ ڪري هڪ غريب جي ڏاچي تي بدترين تشدد ڪيو ۽ ڏاچي جي ٽنگ ڀڃي ڇڏي ۽ پوءِ ان کي بي رحمي سان ٽريڪٽر جي پنجي ۾ ٻڌي لڳ ڀڳ ٻن ڪلوميٽرن تائين گهلي کڻي ويا ۽ اڇلايو ۽ ڏاچي دانهون ڪندي رهي، جڏھن ته ايس ايس پي سکر جي نوٽيس وٺڻ بعد واقعي جو ڪيس پڻ ڪنڌرا ٿاڻي تي صالح پٽ واسي ڏاچي مالڪ غلام مصطفيٰ شنباڻي جي فرياد تي ٽن ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پوليس پاران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذريعن موجب هڪ ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
وحشت جو شڪار ڏاچي جي حالت خراب، ڄاڙي به ڀڳل
ڪراچي: سکر ۾ وحشي تشدد جو شڪار ڏاچي علاج هيٺ، حالت نازڪ، سکر ۾ بيدردي سان تشدد جو شڪار ٿيل ڏاچي سي ڊي آر ايس بينجي پروجيڪٽ جي اينيمل شيلٽر ۾ علاج هيٺ آهي، سي ڊي آر ايس بينجي پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر سارا جهانگير موجب ڏاچي جي ڄاڙي ٽٽل آهي، نڪ مان رت وهي رهيو آهي ۽ اُن جي هڪ ڄنگهه ڀڳل آهي، هن ٻڌايو ته ڏاچي ڪجهه کائي نٿي سگهي، کيس ڊرِپ لڳائي وئي آهي، ڄنگهه تي پٽي ٻڌي وئي آهي ۽ سور گهٽائڻ لاءِ دوائون ڏنيون پيون وڃن،سارا جهانگير موجب زخمي ڏاچي تمام گهڻي ڪمزور آهي، ان جو پويون پير مڪمل طور چيڀاٽيل آهي، ڄاڙي ٽٽل ۽ زبان ساڙيل آهي، جڏهن ته جسقم ۾ به ڪيڙا لڳي ويا آهن، ڏاچي کائڻ جي قابل ناهي، في الحال ڊرِپ تي آهي، اسان دعائون ڪريون پيا ته اها بچي وڃي، ڏاچي جي رت جا ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن، جن مان خبر پوندي ته جيڪڏهن ان جي ٽنگ ڪٽي وئي ته به اها زنده رهي سگهندي يا نه.
افسوس آهي ته بي زبان جانورن تي ايترو ظلم ٿئي پيو: ڏاچي جومالڪ
سکر:ڏاچي جي مالڪ غلام مصطفيٰ شنباڻي روئيندي ٻڌايو ته اسان کي افسوس آهي ته بي زبان جانورن سان به اهڙيبربريت ٿي رهي آهي، بااثر ماڻهن کلي کلي چيو ته اڄ هڪ جي ڄنگهه ڀڳي آهي، توهان جي ٻين جانورن جون به ڄنگهون ڪٽينداسين، هن ٻڌايو ته افسوس آهي جو اسان جي ڏاچي جي ٽنگ ڀڃڻ بعد انهن ان بي زبان جانور کي 2 ڪلوميٽرن تائين گهليو ۽ ڏاچي دانهون ڪندي رهي پر انهن کي احساس نه آيو، هن چيو ته اسان ڏاچي جي دانهن ۽ گهلجڻ جي نشان تي ڏاچي کي اڇلڻ واري هنڌ پهتاسين ته هو دانهون ڪتي رهي هئي جنهن بعد اسان زخمي ڏاچي کي جانورن جي اسپتال کڻي وياسين ته اتي ڊاڪٽرن کين بي وسيءَ سان چيو ته اسان هتي مهمان آهيون، ڊاڪٽر ناهيون ڊاڪٽر ناهن هتي ٻيو ته هتي ڪجھه ناهي هتي توهان جو اچڻ فضول آهي هي جملا ٻڌي اسان جي اکين ۾ وڌيڪ ڳوڙھا اچي ويا ۽ هو بيوس ٿي ويا.
ڏاچي مٿان تشدد تي سموري سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر
سکر: سکر ۽ ڪنڌرا جي ڀرپاسي علائقن سوڌو سڄي سنڌ ۾ ماڻهو سخت ڪاوڙ ۾ آهن سندن چوڻ آهي ته جڏهن معاشري ۾ بي زبان جانورن سان به اهڙو سلوڪ ٿيندو ته پوءِ عذاب نازل ٿيڻ ۾ دير ڇو ٿيندي؟ ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته بااثر جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙي ظلم جي ٻيهر جرئت نه ٿئي، جڏهن ته اهڙي واقعي سبب سموري سنڌ ڏک ۾ مبتلا آهي، بااثرن کي سزا ڏيڻ جي انتظار ۾ آهيون.
وڏي وزير به واقعي جو نوٽيس ورتو
سکر:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪيس جي مڪمل جاچ ڪري ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه زخمي ڏاچي کي بهتر علاج لاءِ ڪراچي موڪلڻ جو اعلان ڪيو جتي اسپيشل ڊاڪٽر ان جو علاج ڪندا.