ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عرفان علي کوسو/ ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملهير انڊس هاء وي تي ڊومڪي، بنگوار پراڻي تڪرار تان ڪار سوار ڊومڪي برادري جي هٿياربندن فائرنگڪري 2 ڄڻن کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ڊومڪي برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿيندڙ چاچو ۽ ڀائيٽيو رٽائرڊ پوليس جمعدار اربيلو بنگوار ۽ گل حسن بنگوار شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ علي بخش بنگوار شامل آهن، اهڙو واقعو ٿيڻ بعد حد جي پوليس پهچي زخمي ۽ مارجي ويل ٻنهي جا لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال پهچايا جتان مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو،اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي بنگوار برادري ۽ مقتولن جا وارث اسپتال اندر هٿيار کڻي پهچي ويا، جنهن سبب شهر ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو، اهڙي واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو ته هي واقعو ڊومڪي-بنگوار پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آهي، پوليس هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.پوليس واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺندي ۽ وارثن موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، بنگوار-ڊومڪي خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين عورت سميت 9 ڄڻا قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿيل آهي، بنگوار- ڊومڪي خوني تڪرار بدنام ڏوهاري ببي بنگوار قتل واري مخبري معاملي تان ڪنر کنيو، هن وقت تائين بنگوار هٿياربندن هٿان ڊومڪي برادري جا 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڊومڪي هٿياربندن هٿان بنگوار برادري جا 4 ڄڻا قتل ۽ هڪ زخمي ٿيل آهي.ٻنهي برادرين ڏانهن ڪجه ڏينهن پهريان ميڙمنٿ قافلا به ويا جن خوني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو هو، ڊومڪي برادري جي هٿياربندن پاران 2 ڄڻن کي قتل ڪرڻ ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد سوشل ميڊيا تي خوشي وچان وڊيو وائرل ڪندي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون، وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته ڊومڪي برادري جي هٿياربندن جيڪا واقعي ۾ ڪار استعمال ڪئي ان ڪار ۾ سوار ٿي وڊيو وائرل ڪندي ڊومڪي برادري کي مبارڪون ڏنيون ۽ وڌيڪ هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي جنهن ۾ اوطاق تي ويٺل وڏي انگ ۾ واقعو ڪري ايندڙ هٿياربندن کي مبارڪون ڏيندا رهيا.