ملير ۾ فيڪٽري انتظاميا پورهيتن کي بحال نه ڪيو، احتجاج

ابراهيم حيدري (رپورٽ: اعجاز شيخ) خانگي فيڪٽري مان برطرف 50 ملازمن کي انتظاميا بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو متاثرملازمن سوين ڳوٺاڻن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ قائم، ملير ۾ موسيٰ ڳوٺ ڀرسان قائم خانگي پي ڪي گوشت ڪمپني 25 سالن کان ڪم ڪندڙ پورهيتن کي نوڪري مان جبري  نيڪالي ڏني آھي جنهن خلاف متاثر پورهيتن جي احتجاجن باوجود انتظاميا پورهيتن کي بحال ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو،گذريل ڏينهن متاثر پورهيتن سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي جنهن ۾ شريڪ ماڻهن صبح کان شام تائين مسلسل نعريبازي ڪئي جنهن جي اڳواڻي اورنگزيب جوکيو جدوجهد ڪميٽي جا اڳواڻ اقبال ڪلمتي فيض سنڌي وهاب گبول شيراز سولنگي جيئي سنڌ تحريڪ جو آڪاش کٽي فدا جوکيو  ساجد گوريلو امتياز جوکيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، اڳواڻن صحافين سان ڳالهائندي چيو ته اسان جي ڳوٺن جي وچ ۾ پي ڪي گوشت ڪمپني قائم آھي پر فيڪٽري جو مالڪ طارق محمود بٽ ۽ ٺيڪيدار شاھد بهاري مقامي ماڻهن کان نفرت ڪري ٿو، هنن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 50 کان وڌيڪ مقامي پورهيتن کي بنا ڪنهن سبب جي جبري نوڪرين مان  نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي جڏهن ته ٻين مقامي پورهيتن سان ڪمپنين اندر جانورن جھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن فيڪٽري جو مالڪ ۽ ظالم ٺيڪيدار مقامي پورهيتن کي بحال نه ڪيو ۽ قانون موجب پگھارن ۾ واڌ ڪري ٻيون سھولتون نه ڏنيون ته متاثر پورهيتن سان گڏ ملير جا هزارين ڳوٺاڻا مجبور ٿي فيڪٽري جي مين گيٽ اڳيان مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪري فيڪٽري بند ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.