ڪراچي/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 29هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، 29 سال گذرڻ باوجود سندس قاتلن کي سزا نه ملي سگهي. سندس ورسي جي ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس مزار تي اڳواڻن پاران حاضري ڀري ويندي جڏهن ته قرآن خواني پڻ ڪرائي ويندي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جي بيگناهه قتل ڪيس ۾ گذريل 29 سالن کان انصاف نه ٿيڻ ملڪي قانون ۽ عدالتي نظام مٿان وڏو سواليه نشان بڻيل آهي.