اڳوڻي ڊي سي گهوٽڪي جي صحيح سان اطلاعات آفيسر خلاف جعلي ليٽر!

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) اڳوڻي ڊي سي گهوٽڪي محمد علي زيدي جي صحيح سان اطلاعات کاتي جي آفيسر خلاف مبينا جعلي ليٽر جاري ٿيڻ جو انڪشاف، آئوٽ ورڊ نمبر رڪارڊ مان غائب، تصديق نه ٿي.  خبر موجب اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد علي زيدي جي بدلي کان هڪ ڏينهن اڳ سندس مبينا صحيح سان سيڪريٽري اطلاعات ڏانهن هڪ ليٽر اماڻيو ويو ته انفارميشن آفيسر گهوٽڪي ڪاظم اميربخاري کي ضلعي مان بدلي ڪيو وڃي، مليل ڄاڻ موجب مبينا جعلي ليٽر ۾ اطلاعات آفيسر مٿان صحافين کي معلومات ڏيڻ سميت مختلف الزام لڳايا ويا آهن، ان سلسلي ۾ اهم ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي ڊي سي جي بدلي کان هڪ ڏينهن اڳ 25 جولائي 2025 تي اطلاعات سيڪريٽري ڏانهن ليٽر جاري ڪيو ويو جنهن تي ڊي سي آفيس جي اڪائونٽس برانچ جو آئوٽ ورڊ نمبر DC/AB/832/2025  لڳل آهي پر مليل ڄاڻ موجب اڪائونٽس برانچ جي رجسٽر ۾ اهڙو ڪو نمبر داخل ٿيل ناهي نه وري 8 جي سيريز ۾ نمبر هلي ٿو، اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته اطلاعات آفيسر خلاف ڊي سي آفيس جي اسٽاف ذاتي رنجش جي بنياد تي سيڪريٽري اطلاعات ڏانهن اڪائونٽس برانچ جو من گهڙت آئوٽ ورڊ نمبر لڳائي مبينا طور جعلي ليٽر اماڻي ڇڏيو. اهم ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊي سي آفيس جا ڪجهه ملازم ڊپٽي ڪمشنرن جي بدلي کان هڪ-ٻه ڏينهن اڳ واري تاريخن ۾ ڊي سيز  جي اسڪيننگ ذريعي ڊجيٽل صحيحن سان مختلف کاتن جي آفيسرن خلاف  ليٽر جاري ڪندا رهن ٿا ۽ مختلف اسڪيمون به روائيز ڪن ٿا.، ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڊي سي سان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو ٻئي طرف اطلاعات آفيسر ڪاظم اميربخاري سان رابطو ڪرڻ تي هُن ٻڌايو ته اڳوڻو ڊي سي محمد علي زيدي مهربان آفيسر هو جنهن 2024 ۾ سفارشي خط لکي سندس پوسٽنگ سکر کان گهوٽڪي ڪرائي هئي باقي بدلي بابت لکيل ليٽر جي ڄاڻ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.