ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو چين جو دورو تاريخي ڪاميابي آهي، جنهن جا مثبت اثرات سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ترقي تي پوندا، سنڌ جا وڏا منصوبا چين جي سهڪار سان عملي شڪل اختيار ڪندا، جن ۾ ٿر ڪول، ڪراچي سرڪلر ريلوي، ماس ٽرانزٽ ۽ اڪنامڪ زونز شامل آهن. انهن منصوبن سان نه رڳو صوبي جي معيشت ۾ انقلاب ايندو پر هزارين نون روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، جڏهن ته مخالف صرف بيان بازي جي سياست ڪن ٿا، سندس چوڻ هو ته عوامي خوشحالي پيپلز پارٽي جي پهرين ترجيح آهي ۽ مخالفن کي عوامي ترقي هضم نٿي ٿئي، ٿر ڪول ۽ اڪنامڪ زونز سنڌ جي معيشت کي بدلائيندا ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي سميت وڏا منصوبا جلد حقيقت بڻبا.