اسلام آباد (بيورو) شماريات واري وفاقي اداري ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر 18 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، اداري جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ ٻئي هفتي به مهانگائي جي وڌڻ واري رفتار ۾ سست رفتاري آئي، موجوده هفتي دوران مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار 1.34 سيڪڙو گهٽجي وئي، جڏهن ته ان کان اڳئين هفتي به مهانگائي ۾ اضافي جي شرح ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي هئي، گذريل هفتي ۾ چانور، آنا، گوشت، ڪاٺ، گيهه ۽ منگن جي دال سوڌو 18 شين جون قيمتون وڌيون، جڏهن ته 14 شين جون قيمتون گهٽيون ۽ 19 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، هفتي دوران هاءِ اسپيڊ ڊيزل 1.06 سيڪڙو، چانور 0.84 سيڪڙو، آنا 0.91 سيڪڙو، گوشت 0.31 سيڪڙو، گيهه 0.25 سيڪڙو، انرجِي سيور 0.23 سيڪڙو ۽ منگن جي 0.10 سيڪڙو مهانگا ٿيا، ٻئي طرف ساڳئي عرصي ۾ 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، جنهن ۾ بصر 1.17 سيڪڙو، ٽماٽا 23.11 سيڪڙو، اٽو 2.60 سيڪڙو، ڪيلا 5.07 سيڪڙو، مسور جي دال 0.64 سيڪڙو، چڻن جي دال 0.47 سيڪڙو، ٿوم 0.46 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ 12.74 سيڪڙو سستا ٿيا، شماريات موجب 17 هزار 732 رپيا تائين آمدني رکندڙ طبقي لاءِ مهانگائي جي شرح 1.43 سيڪڙو گهٽجي 3.82 سيڪڙو رهي، ساڳئي طرح 17 هزار 733 کان 22 هزار 888 رپيا آمدني رکندڙن لاءِ شرح 1.59 سيڪڙو گهٽجي 4.02 سيڪڙو، 22 هزار 889 کان 29 هزار 517 رپيا آمدني وارن لاءِ 1.34 سيڪڙو گهٽجي 4.89 سيڪڙو رڪارڊ ٿي.