ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي يونيورسٽي خلاف گرانٽس ۾ بي ضابطگين ۽ مبينا مني لانڊرنگ جي جاچ بابت ڪيس ۾ ايف آءِ اي نوٽيس معطل ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو. عدالت ايف آءِ اي کي بنا رنڊڪ جاچ جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پر ايندڙ ٻڌڻي تائين انتظاميا کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته اڳتي وڌڻ کان اڳ يونيورسٽي جي درخواست جي قابل قبوليت تي فيصلو ڪيو ويندو. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ايڇ اي سي گرانٽس ۾ بي ضابطگين، من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ ۽ فنڊز کي غيرقانوني طور ڏيهه ۽ پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي الزام تي جاچ ڪري رهي آهي.