مٽياري ۾ قومي عوامي تحريڪ جو پنڌ مارچ، سنڌ جي وسيلن تان هٿ نه کڻنداسين:اياز لطيف

مٽياري (رپورٽ : ضمير خاصخيلي ) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن مٽياري جي مين گيٽ کان پيادل مارچ ڪيو، جيڪو شھر جو گشت ڪري مک چوڪ ميڊيڪل اسٽور چوڪ وٽ پھتو، جتي جش لطيف جي عنوان سان جلسي عام ڪيو ويو. مٽياري پھچڻ تي واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شھرين گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪري اياز لطيف پليجو کي اجرڪن، لنگين جا تحفا ڏنا، جلسي عام کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نه ٿي سگهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجو درياهه ۽ زمينون کپائڻ نه ڏيندا سنڌيو درياءَ، زمينون ۽ وسيلا ھليا ويا ته تاريخ ۾ مجرم بڻجي وينداسين، وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳائي وفاقي حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي ته پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا، حڪمران سمجھن ٿا ته سنڌي ماڻھو خاموش رھندا ته اھا انھن جي ڀل آھي، سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نه رھندا، سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا ته حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا، هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آهي نوجوان شديد احساس محرومي جو شڪار آهن پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيا ڪروڙين روپيا رشوت وٺي نوڪريون وڪڻي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته اقتدار تي ڪرپٽ ۽ عوام مافيا جو قبضو آهي حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن.اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا ته 18 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر ڪرپٽ وزير تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي کٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي، سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي آهي جنهن پنهنجي مسلسل ارڙهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھه نه ڏنو. پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏيندي آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي. لطيف عظيم مفڪر، عاشق، فلاسفر ۽ شاعر آهي. شاھ لطيف ڪمزور طبقن ۽ عورتن جو شاعر آھي. لطيف جا ھيرو اھي عورتون آھن، جن کي پاڻ نٿا ڏسون، لطيف انھن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. پاڻ کي شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي، سروائيڪل ڪينسر بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ واري ويڪسن ضرور لڳرايو هي لکين نياڻين جي زندگي جو سوال آهي هن تي سياست نه ٿي ڪري سگهجي سروائيڪل ڪينسر تيزي سان ڦهلجي رهي آهي جيڪا نياڻين جي ٻچيداني ۾ ٿئي ٿي، سنڌ جي وسيلن درياهه سمنڊ جبل ٻيٽ بچائڻ توڙي ڪئنالن ڊيمن جي جدوجھد کي قومي فرض سمجھون ٿا، ڀلي فارمي ۽ سوشل ميڊيائي ليڊر پيدا ڪري انھن جي واھ واھ ڪريو اسان کي ڪريڊٽ جي ضرورت ناھي اسان جي ته زندگي جدوجھدن لاءِ وقف آهي، جلسي کي مرڪزي اڳواڻن شبير مشوري، ڪرڙ ليٻاري، بابو نوحاڻي، زينب سمون، مقامي اڳواڻن فضا ملاح، ماجد خاصخيلي ، نعيم جان خاصخيلي ، ظفر خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.