نيويارڪ (م ڊ) آمريڪا ڇهون ڀيرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزا بابت پيش ڪيل قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ فوري ۽ مستقل جنگبندي ۽ يرغمال بڻايل ماڻهن جي آزادي جو مطالبو شامل هو، وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي نائب سفير مورگن اورتگس چيو ته قرارداد جو متن حماس جي مذمت ڪرڻ ۽ اسرائيل جي دفاعي حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هو، سلامتي ڪائونسل جي ٻين 14 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن ۾ غزه جي انساني صورتحال کي ’تباهه ڪن‘ قرار ڏنو ويو ۽ اسرائيل تي سڀ پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اهو ووٽنگ اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري خبردار ڪيو ته اسرائيلي ڪارروائين سبب غزه ۾ شهري آبادي لاءِ بچاءُ جون آخري سهولتون به ختم ٿي رهيون آهن، عالمي سطح تي اسرائيل ۽ ان جا اتحادي هن معاملي ۾ اڪيلائي جو شڪار نظر اچن ٿا، ووٽنگ کان اڳ آمريڪي نمائندي چيو ته آمريڪا جي مخالفت ڪنهن لاءِ به حيران ڪندڙ ڳالهه نه هجڻ گهرجي، ووٽنگ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو، گڏيل قومن ۾ فلسطيني سفير رياض منصور آمريڪي فيصلي کي انتهائي افسوسناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ‘ قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سبب سلامتي ڪائونسل پنهنجو اصل ڪردار ادا نه ڪري سگهي، پاڪستان جي سفير عاصم احمد ويٽو کي سلامتي ڪائونسل لاءِ ’ڪارو لمحو‘ قرار ڏيندي چيو ته غزه جي معصوم ٻارن جي فرياد تي دنيا جا دل نرم ٿيڻ گهرجن.