سڪرنڊ (رپورٽ:راج ڪماراوڏ) جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ خان جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور خان جتوئي، پرويز خان چانڊيو سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سان سندس رهائشگاھ تي اھم ملاقات ڪئي، سيد زين شاھ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي شديد مذمت ۽ ٻڌي جو اظھار ڪيو ويو، ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ خان جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سائين زين شاھ وٽ اظھار يڪجھتي لاءِ آيا آھيون سنڌ ۾ ڪير به حق سچ جي ڳالھه ڪندو ان مٿان اھڙي قسم جا ڪيس داخل ٿيندا، مورو واري واقعي بعد سائين زين شاھ منھجي لاءِ آواز اٿاريو وري جڏهن زين شاھ مورو آيو ته ھن مٿان به ڪيس داخل ٿيا آهن، آصف علي زرداري سان ڪا ذاتي دشمني ناھي ، پيپلزپارٽي سان نظرياتي اختلاف آهن، اسان 86 ۾ پيپلزپارٽي ڇڏي تڏهن پيپلزپارٽي جو عروج ھو ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽي ۾ فرق ھو ۽ نظريو تبديل ٿيو پر ان وقت به پنجاھ پرسنٽ ڪجھ اخلاقيات ھئي پر ھن وقت موجوده پيپلزپارٽي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ھن وقت مافيا جو ٽولو سنڌ تي قبضو ڪري ويٺا آھن پئسن کان سواءِ پوليس ماڻھو نٿي ڇڏي پنھنجي ذاتي ملڪيت رشوت کانسواءِ ٽرانسفر نٿا ڪرائي سگھو، ايندڙ وقت ۾ جي ڊي اي، ايس يو پي ۽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اينٽي پيپلزپارٽي سياسي پارٽين سان گڏجي جيستائين سنڌ جي عوام جي جان نٿي ڇٽي اوستائين پنھجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته مرتضيٰ خان جتوئي جو ٿورائتو آهيان جنهن اچي ٻڌي جو اظهار ڪيو، ھن وقت گڏيل طور سنڌ جي حقن واري جدوجھد ۾ گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ھن وقت سنڌ جي ماڻھن کي ھن خوف مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو، ذاتي مفادن کي ڇڏي ملڪ جي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ھن جن کي جيل ۾ ھجڻ گھرجي اھي ھن ملڪ جي حڪمراني ڪري رھيا آھن ان لاءِ ڪمپني سرڪار کي به احساس ضرور ٿيندو ڇوجو ملڪ ھوندو ته ھو به ھوندا، ان موقعي تي رئيس شڪيل خان جلباڻي اسلم ڪوريجو فلڪ شير اوڏ ايڊوڪيٽ منصور جتوئي راجا جي ايم ڪورائي پرويز چانڊيو قاسم سومرو عمران ڪيريو ۽ ٻيا گڏ هئا.