پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاهدي کانپوءِ آمريڪا چين تي ڪاوڙ ڪڍڻ لڳو

لاهور/لنڊن (عمران شفقت) صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جي دوري دوران وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وڏو انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ بگرام ائير بيس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽرمپ چيو ته اها ائير بيس طالبان وٽ بنا قيمت جي ڇڏي وئي هئي، جيڪا چين جي ايٽمي هٿيارن جي سهولت واري علائقي کان رڳو هڪ ڪلاڪ جي وٿي تي آهي. ٽرمپ موجب ائير بيس تي ڪنٽرول واپس وٺڻ جو مقصد چين جي ويجهو آمريڪي موجودگي کي بحال ڪرڻ آهي. هن اها ڳالهه ڪندي چين کي عالمي سطح تي وڌندڙ طاقت قرار ڏنو. تجزين موجب ٽرمپ جو اهو موقف آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جي وچ ۾ نون تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيئن روس-يوڪريني جنگ ۾ ڏٺو ويو. مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا بگرام ائير بيس تي ٻيهر قبضو ڪري ٿو ته چين جو سخت ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو، جنهن جا عالمي نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.

  1. پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار جو حصو بڻجي ويو

لاهور/اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي اسٽريٽيجڪ دفاعي معاهدي تي رايا اچي رهيا آهن. سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب چينلن تي حمايت ڪندڙن ۽ تنقيد ڪندڙن ۾ بحث آهي. ولاگر تجزئي نگار عمران شفقت ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي ڪجھ حامين معاهديکي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي جڏهن ته گهڻا چوڻ ٿا ته ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر به آهن. معيد پيرزادا دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي رياست کي هن ڊفينس معاهدي سان ڪجهه نه ملندو، پاڪستان جي پراڻن ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان کي وچ اوڀر جي تڪرار جو حصو بڻايو ويو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ڊفينس سسٽم اولهه ۽ اسرائيلي لابي جي اسڪروٽني ۾ اچي سگهي ٿو جنهن جو رياست کي ڪو فائدو ناهي پر ڪجهه طاقتور ڌرين کي مالي فائدا ٿي سگهن ٿا. ٻئي پاسي شهزاد اڪبر چيو ته ڇا هي معاهدو ڪرڻ کان اڳ اندروني سطح تي ٻين سان بحث ڪيو ويو؟ اصل ۾ تنقيد ڪرڻ وارن کي عمران خان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي، سلمان اڪرم راجا به مناسب ڳالهه ڪئي آهي.

  1. پاڪ سعودي دفاعي معاهدو ڀارت ۽ اسرائيل لاءِ نئون چئلينج؟

يروشلم/اسلام آباد (م ڊ) 17 سيپٽمبر 2025 تي رياض ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي اسرائيلي ميڊيا ردعمل ظاهر ڪيو آهي. اسرائيل جي سڀ کان وڏي اخبار يروشلم پوسٽ هن معاهدي کي ڀارت ۽ اسرائيل لاءِ چئلينج قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان کي ٻنهي ملڪن جي ڊگهي عرصي کان جاري سهڪار جو تسلسل سڏيو آهي. اسرائيلي رپورٽن موجب، دوحا تي اسرائيل جي حملي ۽ آمريڪي ڪردار کانپوءِ سعودي عرب پاڪستان سان باضابطا دفاعي اتحاد جو اعلان ڪري ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي پيغام ڏنو آهي ته هاڻي سندس متبادل آپشن موجود آهن. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان سان ڀارت جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي، خاص طور تي جڏهن مودي حڪومت سعودي عرب ۾ توانائي ۽ سيڙپڪاري ذريعي وڏي سياسي سيڙپڪاري ڪئي آهي. تجزئي نگارن موجب، پاڪستان اڳ ئي سعودي عرب لاءِ ايٽمي ڍال طور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اسرائيلي ميڊيا معاهدي کي ڀارت مخالف رنگ ڏيئي ناڪاري تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيي آهي، پر حقيقت ۾ هي معاهدو پاڪ-سعودي ڀائيواري ۽ خطي جي اهميت جي نئين مرحلي جي عڪاسي ڪري ٿو.

  1. بگرام بيس تي قبضو نئين جنگ برابر هوندو

واشنگٽن (م ڊ) برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب موجوده ۽ اڳوڻن آمريڪي عهديدارن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان جي بگرام ايئر بيس تي ٻيهر قبضو ڪرڻ نئين جنگ شروع ڪرڻ جي برابر هوندو، جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار فوجي ۽ جديد فضائي دفاعي نظام جي ضرورت پوندي. هڪ آمريڪي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته بگرام تي ٻيهر ڪنٽرول لاءِ ڪنهن به منصوبي تي ڪم نه پيو ٿئي، ڇو ته ان لاءِ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بيس جي مرمت، سپلاءِ ۽ آپريشنل لاڳت تمام وڏي هوندي. اڳوڻي آمريڪي دفاعي عهديدار چيو ته صدر ٽرمپ جي ان ڳالهه جي اهميت گهٽ آهي، جنهن ۾ هن چين جي ويجهو بگرام جي اهميت تي زور ڏنو. سندس چوڻ آهي ته بيس تي موجودگي جا فائدا محدود آهن، پر خطرا وڌيڪ آهن. ياد رهي ته ٽرمپ جا بيان ان وقت سامهون آيا آهن، جڏهن پينٽاگون افغانستان مان 2021 ۾ آمريڪي فوج جي بي ترتيب نڪرڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي، جنهن کي ڪيترائي ماهر چين سان وڌندڙ مقابلي جهڙن وڏن قومي چئلينجن تان ڌيان هٽائڻ وارو عمل قرار ڏين ٿا.

  1. پاڪ-سعودي معاهدي کان اڳ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ رابطا

اسلام آباد (عاصما شيرازي) بچاءَ واري وزير خواجا آصف واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جا ايٽمي هٿيار رڳو ڊيٽرنس لاءِ آهن. مقصد ڪنهن به ممڪن اسرائيلي حملي کي روڪڻ آهي. هي معاهدو سعودي عرب تي اسرائيل جي حملي کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ماهرن موجب، آمريڪا هن وقت معاشي حوالي سان اهڙي پوزيشن ۾ آهي جو ڪنهن جنگ ۾ نه وڃڻ چاهيندو، ان ڪري خاموش آهي، مٿس معاشي دٻاءُ آهي. ڀارت ان کي رخ ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان اهو ايران خلاف ڪيو آهي پر ائين بلڪل ناهي، ايران به هن معاملي ۾ شريڪ رهيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاهدي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي جي چيف نيشنل سڪيورٽي ايڊوائزر جي سعودي قيادت سان اهم ملاقات ٿي، هڪ ٻئي کي پيغام ڏنا ويا ۽ پوءِ اهو معاهدو ٿي ويو. ايران کي خبر آهي ته سندن سڀ کان وڏو دشمن اسرائيل آهي، سعودي عرب کي به خبر آهي، پاڪستان کي به خبر آهي. ڀارت ته پاڪستان جو دشمن آهي ئي آهي.اقتصادي سطح تي به پاڪستان کي فائدو ٿيندو، ڇو ته سعودي عرب تيل ۽ ڊالرن جي سپورٽ ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته سعودي هٿيار به پاڪستان جي هٿ ۾ اچي سگهن ٿا. هي قدم اسرائيل ۽ ڀارت کي سخت پيغام ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي، ته هاڻي پاڪستان ۽ سعودي گڏجي هڪ نئين اسٽريٽجڪ مورچو بڻجي ويا آهن.

  1. چين، ترڪي ۽ هاڻي پاڪستان جي پوزيشن مضبوط آهي: آمريڪي تجزئي نگار

لاهور/نيو يارڪ (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽيجڪ دفاعي معاهدي تي عالمي ميڊيا ۽ تجزيي نگارن جا بيان سامهون اچي ويا آهن. ولاگر ۽ تجزئي نگار عمران شفقت موجب، الجزيرا پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته هي معاهدو خطي لاءِ نئين رخ جو اشارو ڏئي ٿو، جيڪو ڀارت سميت پوري خطي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. آمريڪي نشرياتي ادارو سي اين اين لکي ٿو ته معاهدو آمريڪا تي نار رياستن جو گهٽ ٿيندڙ اعتماد ظاهر ڪري ٿو. رائٽرز موجب، سعودي اختيارين دعويٰ ڪئي ته هن معاهدي کي قطر تي اسرائيل جي حملي جي تناظر ۾ نه ڏٺو وڃي، پر تجزيي نگارن جو خيال آهي ته اهو ساڳئي صورتحال سان ڳنڍيل آهي. آمريڪي تجزيي نگار مائڪل ڪوگل مين چيو آهي ته چين، ترڪي ۽ هاڻي سعودي عرب جي مڪمل حمايت سان پاڪستان جي پوزيشن تمام مضبوط ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان رنڌير جسوال سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت کي معاهدي بابت اڳواٽ ڄاڻ هئي ۽ حڪومت پنهنجي قومي سلامتي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ڀارتي ميڊيا موجب، ان معاهدي جا ممڪن عالمي ۽ علائقائي اثر ڀارت لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.