آءِ فون 17 خريدڻ لاءِ سنگاپور کان لنڊن تائين ماڻهو قطارن ۾ لڳي ويا! نوَن ماڊلز ۾ خاص ڇاهي؟

آءِ فون 17 سيريز کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 19 سيپٽمبر کان وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي هزارين ماڻهو مختلف شهرن جي ايپل اسٽورز آڏو قطارن ۾ بيٺل نظر آيا.
سنگاپور کان وٺي لنڊن تائين، هر جڳهه سوين ماڻهو قطارن ۾ اهو فون خريدڻ جا خواهشمند نظر آيا.
نوَ سيپٽمبر تي متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ان کي 19 سيپٽمبر تي دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ صبح 8 وڳي (مقامي وقت موجب) وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويو.
ان لحاظ سان سڀ کان پهرين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ماڻهن کي اهو فون خريد ڪرڻ جو موقعو مليو.
ان موقعي تي انهن ملڪن ۾ ايپل اسٽورز آڏو تمام گهڻي پيهه نظر آئي.
واضح رهي ته ايپل آءِ فون 17، آءِ فون 17 ايئر، آءِ فون 17 پرو ۽ آءِ فون 17 پرو ميڪس، ايپل واچ 11 سيريز ۽ ايپل واچ الٽرا 3 متعارف ڪرايا هئا.
هن ڀيري ايپل آءِ فون پلس ماڊل کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي آءِ فون 17 ايئر متعارف ڪرايو آهي.
ان کانسواءِ وائرليس ميگ سيف چارجنگ کي سڀني فونز جو حصو بڻايو ويو آهي جڏهن ته بيٽري لائف کي به بهتر ڪيو ويو آهي.
اسٽينڊرڊ آءِ فون 17 جو ڊسپلي اڳ کان ڪجهه وڏو 6.3 انچ آهي.
هي پرو موشن ڊسپلي آهي جنهن ۾ آل ويز آن جو فيچر ڏنو ويو آهي، جيڪو اڳ رڳو پرو ماڊلز ۾ دستياب هو.
فون جي پٺيئن پاسي ڊوئل ڪئميرا سيٽ اپ 48 ميگا پڪسل ۽ 12 ميگا پڪسل ڪئميرائن تي ٻڌل آهي.
”سيرامڪس شيلڊ ٽو“ ذريعي فون کي اسڪريچ يا ڪِرڻ جي صورت ۾ تحفظ ملي ٿو، جڏهن ته ڪمپني سڄي ڏينهن جي بيٽري لائف جو واعدو پڻ ڪيو آهي.
ايپل جو نئون آءِ فون 17 ايئر ڪمپني جي تاريخ جو سڀ کان سنهو فون آهي.
ان جي ٿولهه رڳو 5.6 ملي ميٽر ۽ وزن 165 گرام آهي.
آءِ فون 16 جي ٿولهه 7.8 ملي ميٽر آهي، تنهنڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آءِ فون ايئر ڪيترو سنهو هوندو.
ان جي ٽائيٽينيم المونيم فريم کي سيرامڪس شيلڊ 2 سان تحفظ ڏنو ويو آهي.
فون جي پٺيان سنگل 48 ميگا پڪسل ڪئميرا موجود آهي، جڏهن ته ڊوائيس ۾ اي 19 پرو چِپ ۽ 12 جي بي ريم آهي.
آءِ فون 17 پرو ۽ 17 پرو ميڪس جي پوئين پاسي 48 ميگا پڪسل جون ٽي ڪئميرائون آهن، جيڪي 8k وڊيو رڪارڊ ڪري سگهن ٿا.
ٻنهي فونز ۾ تيز انٽرنيٽ لاءِ واءِ فاءِ 7 چِپ ڏني وئي آهي.
ايپل جي دعويٰ آهي ته ٻنهي فونز جي بيٽري تمام گهڻي طاقتور آهي ۽ مسلسل 39 ڪلاڪ تائين وڊيو پلي ڪري سگهي ٿي.
ايپل جي نوَن ماڊلز جي قيمت بابت ڳالهائجي ته آءِ فون 17 جي قيمت 799 ڊالرز کان شروع ٿيندي.
آءِ فون 17 ايئر جي قيمت 999 ڊالرز، آءِ فون 17 پرو جي قيمت 1099 ڊالرز جڏهن ته آءِ فون 17 پرو ميڪس جي قيمت 1199 ڊالرز کان شروع ٿيندي.
سڀني فونز جي اسٽوريج گهٽ ۾ گهٽ 256 جي بي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.