ڪمائي جو نئون ذريعو، يوٽيوب شارٽس ۾ سڀ کان وڏو فيچرمتعارف

جيڪڏهن توهان يوٽيوب شارٽس ٺاهڻ پسند ڪريو ٿا پر وڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۾ مشڪل محسوس ٿيندي آهي ته هاڻي ائين ڪرڻ جي ڪائي ضرورت ناهي.
گوگل پنهنجي سڀ کان ايڊوانس آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) وڊيو جنريٽر ويئو ٿري کي يوٽيوب شارٽس ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
توهان کي بس اتي لکڻو پوندو ته توهان ڪهڙي قسم جي وڊيو ٺاهڻ چاهيو ٿا، ان کان پوءِ ويزول اسٽائل جهڙوڪ اينيميٽيڊ يا سينيماٽڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
ان کانپوءِ ويئو ٿري توهان جي هدايتن موجب مختصر وڊيو تيار ڪري ڏيندو.
ويئو ٿري جو فاسٽ ورزن 8 سيڪنڊ ڊگهي وڊيو ٺاهيندو جنهن جو معيار ضروري ناهي تمام اعليٰ هجي، پر پوءِ به اهو متاثر ڪندڙ آهي ڇو ته اِهو بنا ڪنهن فلم فوٽيج جي ڪم ڪندو.
واضح رهي ته جون 2025 ۾ ڪمپني طرفان ويئو ٿري کي يوٽيوب شارٽس جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي يوٽيوب جي چيف ايگزيڪيوٽو نيل موهن جو چوڻ هو ته ويئو ٿري کي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ڪنهن به يوٽيوب شارٽس جو حصو بڻايو ويندو.
ڪانز لائنز فلم فيسٽيول دوران نيل موهن چيو ته مصنوعي ڏاهپ ذريعي توهان کي اڻڳيا موقعا ملندا، هر ماڻهو جيڪو ڪا ڪهاڻي شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، اهو پنهنجو خواب ڪيريئر ۾ تبديل ڪري سگهندو.
هي اي آءِ ٽول لکت ۾ڏنل هدايتن موجب مڪمل ڪلپس تيار ڪري سگهي ٿو جيڪي آڊيو ۽ وڊيو ٻنهي تي ٻڌل هوندا آهن، جڏهن ته ان جي تيار ڪيل وڊيوز گهڻي حد تائين حقيقي محسوس ٿين ٿيون.
هن وقت ويئو ٿري جو استعمال رڳو گوگل جي اي آءِ پرو يا اي آءِ الٽرا جي واهپيدارن لاءِ آهي ۽ ٻنهي پروگرامز لاءِ ماهوار فيس ادا ڪرڻي پوي ٿي.
پر اِهو اي آءِ وڊيو جنريشن ٽول يوٽيوب شارٽس لاءِ مفت موجود هوندو.
هن ٽول ذريعي ڪيئي واهپيدار يوٽيوب مان ڪمائي به سگهن ٿا، جڏهن ته هن وقت شارٽس مان ڪمائيندڙ ماڻهن جي آمدني متاثر ٿي سگهي ٿي.
هن وقت هڪ ڪاٿي موجب، يوٽيوب جي پارٽنر پروگرام ۾ شامل 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو شارٽس وڊيوز مان پئسا ڪمائي رهيا آهن.

ان کي استعمال ڪيئن ڪجي؟
هن مقصد لاءِ اسمارٽ فون ۾ يوٽيوب ايپ کوليو ۽ پوءِ ”Create“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ”Create A Video“ واري آپشن جي چونڊ ڪريو.
ان کانپوءِ لکت ۾ پنهنجون هدايتون شامل ڪريو ۽ بس.
فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو.
ويئو ٿري جي مدد سان تيار ڪيل هر وڊيو ۾ پاڻمرادو”AI Generated“ جو ليبل شامل هوندو، جڏهن ته هڪ واٽرمارڪ پڻ ان جو حصو بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.