اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز اسحاق خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز اسحاق خان خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.
اهو ريفرنس وڪيل محمد وقاص ملڪ طرفان داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ جسٽس اعجاز اسحاق تي بدعنواني، جانبداري ۽ آئيني حلف جي ڀڃڪڙي جا الزام هنيا ويا آهن.
ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جسٽس اعجاز اسحاق تعصب جي بنياد تي فيصلا ڏنا، مريم فياض ڪيس ۾ 3 سالن تائين فيصلو محفوظ رکي عدالتي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جڏهن ته ”ڪٽ اينڊ ويلڊ گاڏين“ جي ڪيس جو فيصلو به غير معمولي دير جو شڪار رهيو، جنهن سبب عوامي اعتماد کي ڇيهو رسيو.
درخواست ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جسٽس اعجاز اسحاق هاءِ ڪورٽ جي ضابطن ۾ رنڊڪ وڌي ۽ ساٿي ججن سان گڏ گروپ ٺاهي عدالتي معاملن کي متاثر ڪيو.
ريفرنس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هن چيف جسٽس ۽ ٻين ججن سان تڪرار ڪيو ۽ جج طور پرائيويٽ لا فرم هلائيندي عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
وڌيڪ چيو ويو ته گستاخي بابت ڪيسن جي ڪارروائي سڌي ريت نشر ڪري شر پکيڙيو ويو، جڏهن ته وڪيل ايمان مزاري سان ملي ڀڳت ڪري سياسي مقصدن لاءِ عدليا کي استعمال ڪيو ويو، جسٽس اعجاز اسحاق فوج مخالف ۽ رياست مخالف بيانيي کي به هٿي ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.