” سعودي رات پيٽ ۾ ايٽمي طاقت بڻجي ويو“ پاڪستان سان دفاعي معاهدي جو بالي ووڊ ۾ به پڙاڏو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ۽ فلمي ناقد ڪمال راشد خان عرف” ڪي آر ڪي“ تازو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي تي تبصرو ڪندي ان کي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڏاهپ قرار ڏنو.
ڪمال راشد خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڏاهو حڪمران آهي. جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو قطر تي حملو ڪيو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو، تڏهن محمد بن سلمان ترت سمجهي ويو ته آمريڪا ۽ اسرائيل تي قطعي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي.
ڪمال راشد خان چيو ته ڇو ته اسرائيل ايٽمي طاقت آهي ۽ ڪنهن به وقت سعودي عرب تي حملو ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري محمد بن سلمان خاموشيءَ سان پاڪستان سان معاهدو ڪيو، جيڪو پاڻ هڪ ايٽمي طاقت آهي ته جيئن سعودي عرب کي تحفظ ملي سگهي.
هن جو چوڻ هو ته هن دفاعي معاهدي کان پوءِ سعودي عرب ” رات پيٽ ۾ ايٽمي طاقت“ بڻجي ويو آهي، هاڻي اِها ڳالهه 100 سيڪڙو يقيني آهي ته نه اسرائيل ۽ نه ئي آمريڪا سعودي عرب تي حملو ڪري سگهي ٿو.
ڪمال راشد خان وڌيڪ چيو ته محمد بن سلمان نه آمريڪا، نه چين، نه روس ۽ نه ئي نيٽو جي رڪن ترڪي تي ڀروسو ڪيو، پر پاڪستان تي اعتماد ڪيو، جيڪو نه رڳو ايٽمي هٿيار رکي ٿو پر ان وٽ پنهنجو تيار ڪيل جديد جَي ايف-17 جنگي جهاز پڻ آهي، جيڪو ڪنهن به ملڪ تي بمباري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ”اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي“ (ايس ايم ڊِي اَي) تي صحيحون ڪيون هيون.
ان معاهدي جي شقن تحت هڪ ملڪ خلاف اڳرائي ٻنهي خلاف حملو تصور ڪئي ويندي، معاهدو ٻنهي جي سلامتي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.