ٻيا ملڪ به دفاعي معاهدي ۾ شموليت جا خواهشمند آهن: اسحاق ڊار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻيا ملڪ به دفاعي معاهدي جو حصو بڻجڻ جي خواهش رکن ٿا.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب سان معاهدو هڪ رات ۾ طئي ناهي ٿيو، ان ۾ ڪيترائي مهينا لڳا، ٻيا ملڪ به اهڙي معاهدي جو حصو بڻجڻ جي خواهش رکن ٿا، هر مسلمان هونئن به حرمين شريفين تي قربان ٿيڻ لاءِ تيار هوندو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان تي پابندين کانپوءِ سعودي عرب جي حمايت اهم هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.