اميد ته ڪراچي لاءِ شهباز اسپيڊ جو واعدو پورو ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي اميد ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ شهباز اسپيڊ جو واعدو پورو ڪندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جي حوالي سان وزيراعظم کي ڪيل واعدا ياد ڏياريندا رهنداسين، اميد ته هو ڪراچي لاءِ شهباز اسپيڊ جو واعدو پورو ڪندو.
هن چيو ته سنڌ حڪومت هدف رکيو آهي ته شهر ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو، تازو حب ڪينال وڌائڻ جي منصوبي جو افتتاح ٿيو آهي، ان کانسواءِ صاف پاڻي جا به ٻن منصوبا آهن.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ چين جا دورا ڪيا، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان کي گوادر پورٽ ۽ پوءِ سي پيڪ منصوبا مليا، صدر آصف زرداري هن ڀيري پنهنجو گذريل رڪارڊ ٽوڙيندو.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان معاهدو پاڪستان جي حق ۾ آهي، اهو ٻنهي ملڪن لاءِ سٺو آهي، هر پاڪستاني مڪي مديني جي حفاظت ڪرڻ چاهي ٿو، اسان تازو جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، ڀارت ڪرڪيٽ کي سياست ۾ ملوث ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.