نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهري گذريل ٽن ڏهاڪن کان کاڌي بدران رڳو انجڻ آئل پي جيئرو رهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرناٽڪ رياست جي شهر شيموگا سان واسطو رکندڙ شهري کي اڄڪلهه پنهنجي انتهائي عجيب غذائي عادت جي دعويٰ سبب مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي.
ان شخص جي دعويٰ آهي ته هو ڪجهه به کائڻ بدران روز رڳو چانهه ۽ تقريبن 7 کان 8 ليٽر انجڻ پيئندو آهي، جنهن سبب هو ”آئل ڪمار“ جي نالي سان مشهور آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب انسٽاگرام تي وائرل هڪ وڊيو ۾ ڪمار کي ظاهري طور هڪ بوتل مان ڪارو موٽر آئل پيئندي ڏٺو ويو، جنهن کي هو پنهنجي خوراڪ قرار ڏئي ٿو.
ان پوسٽ موجب ڄاڻايل شخص گذريل ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ان غير معمولي خوراڪ تي جيئرو آهي.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته گذريل 33 ورهين کان اهو آئل ڪمار دنيا کي حيران ڪري رهيو آهي، ڇو ته هو کاڌي بنا جيئرو آهي، هو 7 کان 8 ليٽر ضايع ٿيل انجڻ آئل ۽ چانهه پيئندو آهي.
هوڏانهن ماهرن اها دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته انجڻ آئل انتهائي زهريلو هوندو آهي ۽ اهو ڪڏهن به نه پيئڻ گهرجي، انجڻ آئل ۾ زهريلا ڪيميڪل جگر، ڦڦڙن، گردن ۽ دماغ کي به نقصان پهچائي سگهن ٿا.
You might also like