ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار فيصل رحمان چيو آهي ته هو شادي ڪرڻ نٿو چاهي ۽ وقت سان گڏ شادي نه ڪرڻ تي شڪر ادا ڪري ٿو.
هڪ انٽرويو دوران ميزبان طرفان سندس ذاتي زندگي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي سوال ڪيا ويا.
59 ورهين جي عمر باوجود شادي نه ڪرڻ بابت سوال تي فيصل رحمان چيو ته” انڊسٽريءَ ۾ ڪيترن ئي اداڪارن شادي نه ڪئي آهي پر انهن کان اهڙو سوال نه ٿو پڇيو وڃي. ماڻهن کي لڳي ٿو ته مون عشق ڪيو آهي پر حقيقت ۾ مان ڪنهن ڪنهن محبت ناهي ڪئي، هميشه فقط پاڻ سان ئي محبت ڪئي آهي.
سينيئر اداڪار چيو ته ”مون هميشه آزاد زندگي گذاري آهي، مونکي ڪنهن به قسم جي اٽيچمينٽ پسند ناهي، پوءِ کڻي اِها ڪپڙن، پالتو جانورن يا انسانن سان ئي ڇو نه هجي، منهنجي لاءِ اهو ڏکيو مرحلو آهي جنهن کي مان پسند نٿو ڪريان.“
فيصل رحمان جو چوڻ هو ته ” وقت سان گڏوگڏ شادي نه ڪرڻ تي شڪر ادا ڪيان ٿو ڇو ته اڄ مان ڪٿي به بيگ کڻي وڃي سگهان ٿو پر منهنجا دوست جن جون شاديون ٿيل آهن ائين نه ٿا ڪري سگهن، هو اڄ به مون ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا، مان پنهنجي هر ڪم لاءِ آزاد آهيان تنهنڪري هاڻ به شادي نٿو ڪرڻ چاهيان.
انٽرويو دوران ڊمپل بابت سوال تي فيصل رحمان چيو ته ”منهنجو ڊمپل اداڪارا هانيا عامر کان گهڻو مشهور آهي، ڇو ته هانيا اڃا نئين آهي ۽ مان تمام اڳ ئي انڊسٽري ۾ اچي چڪو هئس، منهنجون ڪيئي عورتون مداح آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ مون ڏانهن رت سان خط لکي موڪلينديون هيون.“
اداڪارا سرجري بابت افواهن جي ترديد ڪندي چيو ته ” هي ڊمپل الله جو ڏنل تحفو آهي. جڏهن ته ساڄي ڳٽي جو ڊمپل وڌيڪ واضح آهي، پر وزن وڌڻ سان ٻيو به واضح ٿي ويندو آهي.“