اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن جولاءِ کان آگسٽ دوران 62 ڪروڙ 40 لک ڊالر خساري ۾ هليو ويو، جڏهن ته جون 2025 ۾ اهو 33 ڪروڙ 50 لک ڊالر سرپلس ۾ هو۔ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ جي ڪرنٽ اڪائونٽ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. مرڪزي بئنڪ موجب آگسٽ 2025 دوران ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ 24 ڪروڙ 50 لک ڊالر خساري ۾ رهيو، جڏهن ته جولاءِ ۾ اهو خسارو 37 ڪروڙ 90 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. بهرحال، جولاءِ جي مقابلي ۾ آگسٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب، هلندڙ مالي سال جي ٻن مهينن ۾ مجموعي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 62 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ اهو خسارو 43 ڪروڙ ڊالر هو.