ڊيرا بگٽي (م ڊ) بلوچستان جي ٻن ضلعن ڊيره بگٽي ۽ شيراني ۾ ڌماڪن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار سميت چار ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿيا، ڊيره بگٽي جي تعلقي سوئي ۾ زرعي زمينن ۾ لڳايل بارودي سرنگون ڦاٽڻ سبب هڪ عورت ۽ هڪ پيرسن سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙي زخمي ٿي پئي، علائقي ۾ سيڪيورٽي ادارن طرفان جاچ شروع ڪئي وئي پر واقعي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به تنظيم قبول نه ڪئي آهي، ٻئي طرف، ضلعي شيراني ۾ شدت پسندن پوليس ۽ ليويز فورس جي ٿاڻي تي حملو ڪيو، ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي جنهن ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جو هڪ اهلڪار مارجي ويو ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿيا، دهشتگردن هڪ اهلڪار کي اغوا به ڪري ورتو ۽ هڪ گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، مقامي انتظاميا موجب حملي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن تيز ڪيو ويو آهي.