اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل سيڙپڪاريءَ ۾ سرڪاري ادارا رڪاوٽ بڻجي بڻجي ويا. رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ ڪروڙين ڊالرن جي سيڙپڪاري مختلف سرڪاري ادارن جي سست رويي سبب رڪجي پئي آهي، ۽ وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪامان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جو اجراء پاڪستان ۾ هڪ خواب بڻجي ويو آهي. روايتي سرڪاري تعطل جي ڪري، عالمي ڪمپنين جي اچڻ باوجود انٽرنيٽ جي تيزي ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي اميدن تي پاڻي ڦري رهيو آهي. وفاقي وزير آءِ ٽي شزه فاطمه سيٽلائيٽ ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ دير بابت وضاحت ڏيڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ 5 عالمي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ڪمپنيون ڪم لاءِ تيار آهن، جن ۾ اهي ڪمپنيون سست عمل سبب رجسٽريشن حاصل نه ڪري سگهيون آهن. ريگيوليٽري فريم ورڪ اڃا تائين حتمي شڪل نه وٺي سگهيو آهي، جنهن ڪري وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن تي سوال اُٿڻ لڳا آهن.جيستائين فريم ورڪ مڪمل نه ٿئي، تيستائين نه رڳو ڊجيٽل ڳانڍاپو ۽ ڊجيٽل منصوبن ۾ ديرٿيندي پر سيٽلائيٽ سروسز جي شروعات به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.